Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

جي ترغيب ڏيارڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں          اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

                                                       (وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۳۱۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

سيدنا عبد الله شاه غازي رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه جي تعارف جون جھلڪيون

20 ذوالحج حضرت سيد عبدالله شاھ غازي رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه جو عرس مبارڪ ڪلفٽن ڪراچي ۾ ملهايو ويندو آهي، اچو انهيء نسبت سان ڪجھ ٻڌو ٿا. ٭ حضرت سيد عبد الله شاه غازي رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه 98ھ ۾ هن دنيا ۾ جلوه گر ٿيا۔ ٭ حضرت سيد عبد الله شاه غازي رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه مديني پاڪ ۾ پيدا ٿيا۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه جي والد صاحب جو نالو حضرت سيد محمد نفس ذڪيه هو۔ ٭ حضرت سيد عبد الله شاه غازي رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه حَسَني حُسيني سيد آهن۔ ٭ سندن تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد صاحب جي نگراني ۾ مدينه منوره ۾ ئي ٿي۔ ٭ پاڻ علمِ حديث ۾ ماهر هئا۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه ۾ علم جا جوهر موجود هئا، پاڻ پنهنجي علم جي روشنيء سان ڪيئي ماڻهن کي روشن  ڪيو۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه 12 سالن تائين اسلام جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ مقامي آبادي جي سوين ماڻهن کي اسلام سان مشرف ڪيائون۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه نهايت عابد ۽  زاهد متقي بلند همت، دين جو درد رکڻ وارا ۽ ماڻهن تي انتهائي شفيق ۽ مهربان هئا۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه جي اخلاقِ ڪريمانه کان کوڙ ماڻهو متاثر ٿيا۔ ٭ حضرت سيد عبدالله شاه غازي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وارا پهريان سادات (سيد) بزرگ ۽ مُبلغ هئا۔ ٭ ذوالحج 151ھ ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه شهيد ٿيا۔ ٭ ڪراچي جي ساحلي علائقي ڪلفٽن ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه جو مزار پُرانوار پنهنجون برڪتون لٽائي رهيو آهي ۽ پنهنجي نورانيت ۽ برڪت سان خاص ڪري ان شهر کي ۽ سڄي پاڪستان کي منور ڪري رکيو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد