Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

گرم کاڌي جا نقصان

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! کاڌو ٿڌو ڪري کائڻ گھرجي پر اهو ضَروري ناهي ته ايترو ٿڌو ڪريو جو ڄمي بد مزه ٿي وڃي بلڪ ڪجھ ٿڌو ٿيڻ ڏيو ته جيئن ٻاڦ (Steam) نڪرڻ بندي ٿي وڃي۔ حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: کاڌي جو ڪجھ ٿڌو ٿيڻ ۽ ڦوڪن سان ٿڌو نه ڪرڻ برڪت جو سبب آهي ان ڪري کائڻ ۾ به تڪليف ناهي ٿيندي۔ (مرآة المناجيح،۶/۵۲) کاڌو کائڻ جا آداب ۽ ان بابت گھڻي معلومات جي لاءِ امير اهلسنت جي ڪتاب ”فيضانِ سُنّت“ جو باب ”پيٽ جو قُفلِ مدينه“ ۽ ” آدابِ طعام“ ۽ رسالو کھانے کا اسلامی طریقہجو مطالعو ڪرڻ نهايت مفيد آهي۔

دعا ہے کچھ نہ کچھ لقمے خدا کے واسطے چھوڑوں                                       رِضائے حق کی خاطِر لذّتِ دنیا سے منہ موڑوں

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

12 مدني ڪمن مان هڪ ڪم ”هفتيوار اجتماع“

 اي عاشقانِ رسول! اوهان ٻڌو ته معاشري ۾ ڪهڙي ڪهڙي طرح جلدبازي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ۽ ان جا ڪهڙا ڪهڙا خطرناڪ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان جلدبازي کان پيڇو ڇڏايون ۽ اهڙن جي صحبت اپنايون جن جي صحبت جي بَرَڪت سان اسان جا ڪم جلدبازي جي تباھ ڪارين کان محفوظ ٿي وڃن۔ ته اچو! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي عاشقانِ رسول جي صحبت اختيار ڪري وٺو ۽ انهن سان گڏ ملي ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن کي پنهنجي علائقي ۾ مضبوط بڻايو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هفته وار هڪ مَدني ڪم ”هفتيوار اجتماع“ به آهي۔ ٭ اَلْحَمْدُ لِلّٰه هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ تلاوت ۽ نعت ۽ علمِ دين سان ڀرپور سُنّتن ڀريو اصلاحي بيان ٻڌڻ، اجتماعي طور تي ذڪرُ الله ڪرڻ ۽ رِقّت انگيز دُعا ۾ پنهنجي گُناهن کان توبه ڪرڻ سان گڏوگڏ بُري صحبت کان بچڻ ۽ چڱي صحبت اِختِيار ڪرڻ جا موقعا به مُيسر ايندا آهن۔ ٭ يقيناً چڱي صحبت اِختِيار ڪرڻ ۽ گڏجي الله ڪريم جو ذِڪر ڪرڻ فضيلت جوڳو عمل آهي۔ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: جڏهن ماڻهو ڪنهن مجلس ۾ گڏ ٿي الله