Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

ڪرائيندي آهي۔ افسوس! موجود زماني ۾ مسلمانن جو تمام گھٽ تعداد نماز پڙھي ٿو ۽ جيڪي پڙهن به ٿا انهن مان به ڪي نادان جلد بازي جي ڪري پنهنجون نمازون برباد ڪري ڇڏيندا آهن۔ اهڙن کي نماز جو چور قرار ڏنو ويو آهي، جيئن

نماز جو چور

 اُمّتين تي مهربان، محبوبِ رَحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: سڀ کان بَدتَر چور اهو آهي جيڪو پنهنجي نماز ۾ چوري ڪري ٿو۔ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عَرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪو شخص پنهنجي نماز ۾ ڪهڙي طرح چوري ڪري سگھي ٿو؟ ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايائون: هو ان جا رُڪوع ۽ سجدا پورا نٿو ڪري، يا اِرشاد فرمايائون: اهو رڪوع ۽ سجدن ۾ پنهنجي پٺي سڌي نٿو ڪري۔  (مسند احمد،مسند ابي سعيد خدري،۴/۱۱۲،حديث:۱۱۵۳۲)

ياد رکو! جلدي جلدي نماز پڙھڻ اهڙي طرح جو رڪوع ۽ سجدا پوري طرح ادا نه ٿين اهو هرگز هرگز فخر ۽ ڪمال جي ڳالھ ناهي بلڪ تشويش جي ڳالھ آهي، اهڙي طرح نماز پڙھڻ ايمان جي بربادي جو به سبب بڻجي سگھي ٿو، نماز الله پاڪ جي فرضن مان هڪ فرض آهي، نماز هڪ اهم ترين عبادت آهي، نماز پڙهڻ وارن خوش قسمتن کي اهو سکڻ گهرجي ته درست نماز ڪيئن پڙهجي؟ نماز ۾ فرض، واجب ۽ سنتون ڪيتريون آهن؟ ڪهڙن فعلن سان نماز ٿيندي ئي ناهي، ڪهڙن فعلن سان نماز ٽُٽي پوندي آهي، ڪهڙن فعلن سان نماز ٻِيهر پڙهڻي پوندي آهي، شرعي سفر دوران نماز ڪيئن پڙهجي، جنهن جي ذمي ڪيئي نمازون قضا هجن، اهو ڪيئن پڙهي؟ الله پاڪ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي کي قيامت تائين ترقي نصيب فرمائي جو جنهن لکين لک بي نمازن کي نمازي بڻايو، نماز پڙهڻ وارن جي نماز کي درست ڪيو، جي ها! جيڪڏهن اسان به نماز درست سکڻ چاهيون ٿا ته اچو” فيضانِ نماز ڪورس“ ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريون. هن ڪورس جي برڪت سان نماز جي متعلق ڪيئي بنيادي مسئلا سکڻ لاءِ ملندا، دنياوي ترقيون حاصل ڪرڻ جي لاءِ، وڏيون وڏيو ڊگريون ماڻڻ جي لاءِ ڪيئي ڪيئي مهينا مختلف ڪورسز ڪيا ويندا آهن، هزارين روپيه فيس به ادا ڪندا هوندا، اي ڪاش! الله پاڪ جي رضا ماڻڻ ۽ ثواب ڪمائڻ جي لاءِ اسان به فيضانِ نماز ڪورس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. هن ڪورس جي ڪا به فيس