Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

ٻيهر نماز پڙھائي

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، هڪ شخص مسجد ۾ آيو، حضور رحمتِ عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا هئا، ان شخص نماز پڙھي ۽ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سلام ڪيائين، ان کي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: وَعَلَيک السَّلَام، موٽي وڃ نماز پڙھ تو نماز ناهي پڙھي۔ هو موٽي ويو نماز پڙھي ٻيهر اچي سلام ڪيائين، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: وَعَلَيک السَّلَام موٽي وڃ نماز پڙھ تو نماز ناهي پڙھي۔ ان ٽئين ڀيري يا ان کان پوءِ عَرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي سيکاري ڇڏيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن توهان نماز لاءِ وڃو ته وُضو پورو ڪريو پوءِ ڪعبي ڏانهن منهن ڪريو، پوءِ تڪبير چئو، پوءِ جيتري قدر قرآن آسانيءَ سان پڙهي سگهو پڙھو، پوءِ رُڪوع ڪريو ايستائين جو رُڪوع ۾ مطمئن ٿي وڃو پوءِ بيهي رهو ايستائين جو سڌا بيهي رهو پوءِ سجدو ڪريو ايستائين جو سجدي ۾ مطمئن ٿي وڃو پوءِ اٿو ايستائين جو اِطمينان سان ويهي رهو پوءِ سجدو ڪريو ايستائين جو سجدي ۾ مطمئن ٿي وڃو پوءِ اٿو ايستائين جو اِطمينان سان ويهي رهو پوءِ پنهنجي سڄي نماز ۾ ائين ئي ڪريو۔

(بخاري،ڪتاب الاستئذان، باب من رد فقال: عليڪ السلام، ۴/۲۷۱،حديث:۶۲۵۱)

ایسا کرم ہو نیکیوں میں دل لگا کرے                               پڑھتا ہوں گر نماز بھی تو بے دِلی کے ساتھ

                                                                              (وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۲۱۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان 4 نڪتا حاصل ٿيا: (1) پهريون نڪتو اهو ته پهريان وارا ماڻهو سلام جهڙي پياري پياري سنت تي عمل ڪرڻ وارا هوندا هئا، چاهي ڪيتري ئي ڀيرا ملاقات ڪرڻي پئي پر هو سلام ضرور ڪندا هئا۔ افسوس! اڄڪلھ ٻين سنتن جيان اها سُنّت به ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي۔ ماڻهو جڏهن پاڻ ۾ ملندا آهن ته اَلسَّلَامُ عَلَيکمْ سان ابتدا ڪرڻ بدران ”آداب عرض“ ڇا حال آهي؟ ”سائين جو خير“ ”صبح بخير“،” شام بخير“ وغيره وغيره عجيب ۽ غريب جملن سان شروعات ڪندا آهن، اهڙي طرح ڪجھ ماڻهو هٿن جي اشارن ۽ ڪارائين سان سلام ڪندا آهن ۽ اهڙي