Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

ڪري۔ (الطبقات لابن سعد، رقم:۵۶ ،عدي بن ڪعب،۳/۲۲۲) سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه فرمائن ٿا: انصاف پسند ته انهن جا مَمنُون (يعني شڪر گذار) ٿيندا آهن جيڪي انهن کي صَوَاب (يعني دُرُستي) جي راھ ٻڌائن۔

(ملفوظات اعليٰ حضرت ،ص٢٢٠)

 (3) ٽيون نڪتو اهو معلوم ٿيو! اصلاح ڪرڻ ۾ چڱي اخلاق ۽ نرمي جو نهايت اهم ڪردار هوندو آهي۔ عام طور ڪجھ اسلامي ڀائر پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جو جذبو به رکندا آهن، گناهن ۾ مبتلا ماڻهن جي اصلاح جي لاءِ تڙپندا به آهن، خوب انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششون به ڪندا آهن ته معاشري مان بُرائين جو خاتمو ٿئي ۽ هر پاسي سُنّتن جون بهارون اچن، پر سخت لهجي، بداخلاقي، غصي، سخت لفظن، تنقيدي ذهن ۽ سڀني جي سامهون جهڙڪندي سمجھائڻ جهڙين عادتن جي ڪري انهن کي پنهنجي مقصد ۾ خاطر خواه ڪاميابي ناهي ملي سگھندي، بلڪ اُلٽو نقصان ئي ٿيندو آهي، تنهنڪري جيڪڏهن اسان واقعي اُمّت جي اصلاح جي جذبي ۾ مخلص آهيون ته اسان کي گھرجي ته اسان اصلاح ڪرڻ وقت نرم لهجو رکون، سُٺي اخلاق سان پيش اچون، درگذر سان ڪم وٺون، مٺا ٻول ڳالهايون، تنقيدون ڪرڻ کان بچون ۽ جيستائين ممڪن هجي تنهائي ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جا بهترين نتيجا (results) سامهون ايندا۔

امير ِاهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪتاب ”نيڪي جي دعوت“، رسالو ”مٺا ٻول“ ۽ ”عفو و درگذر جون فضيلتون“ جو مطالعو ڪرڻ سان معلومات ملندي ته نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري هڪ مبلغ کي ڪيئن هئڻ گهرجي؟ مبلغ جو حسنِ اخلاق ڪهڙو هئڻ گهرجي، هڪٻئي کي معاف ڪرڻ جو جذبو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟

بَنا دو صَبْر و رِضا کا پیکر، بنوں خوش اَخلاق ایسا سرور

رہے سدا نَرْم ہی طبیعت، نبیِّ رَحْمت شفیعِ اُمَّت

       (وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۲۰۸)

 (4) چوٿون نڪتو اهو مليو ته جلد بازي اهڙي بُري آفت آهي جو جيڪڏهن اها عبادت ۾ شامل ٿي وڃي ته ڪڏهن ته ان کي نامڪمل بلڪ ضايع ئي