Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

گاڏي هلائڻ ۽ روڊ پار ڪرڻ ۾ جلدبازي ڪرڻ کان بچيو وڃي، صبر ۽ احتياط سان ڪم ورتو وڃي ۽ اهڙا ٽريفڪ قانون (traffic rules) جيڪي خلافِ شرع نه هجن، انهن جي پابندي ڪئي وڃي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان حادثات ۾ واضح گهٽتائي نظر ايندي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

کاڌو کائڻ ۾ جلد بازي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! کاڌو کائڻ ۾ جلد بازي ڪيئي حوالي سان نقصان پهچائيندي آهي۔ حرص جا شوقين ماڻهو کاڌي کي بنا چٻاڙڻ جي  جلدي ۾ معدي ۾ لاهڻ جي ڪوشِش ڪندا آهن۔ ياد رهي! کاڌي کي چڱي طرح چٻاڙي کائڻ گھرجي ڇوته جلدبازي جي ڪري چڱي طرح چٻاڙڻ بغير ڳيهڻ سان هضم ڪرڻ جي لاءِ مِعدي کي سَخت تڪليف کڻڻي پوندي آهي، اهڙي طرح ڏندن جو ڪم آنڊن سان ورتو ويندو آهي۔ اهڙي ئي طرح ڪن ماڻهن کي گرما گرم کاڌو ۽ چانھ گھڻي پسند هوندي آهي، انهيء شوق جي ڪري هو پنهنجو منهن به ساڙي ويهندا آهن۔ ياد رکو! تيز گرم کائڻ يا خوب گرما گرم چانھ يا ڪافي وغيره پيئڻ سان مُنهن ۽ گلي ۾ ڇالا، مِعدي ۾ سوڄ وغيره ٿيڻ جو خطرو آهي۔ ان تي يڪدم ٿڌو پاڻي پيئڻ مهارن ۽ مِعدي کي نقصان پهچائيندو آهي، تنهنڪري کاڌي کي ٿورو ٿڌو ڪري ئي کائڻ گھرجي، جيئن

اميرِاهلسنت حضرت علامه مولانا محمدالياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي ڪتاب ”فيضانِ سُنّت“ جلد اوّل جي صفحي نمبر 280 تي لکن ٿا: حضرت جابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته نبي ڪريم ، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: گرم کاڌو ٿڌو ڪري وٺندا ڪريو ڇوته گرم کائڻ ۾ برڪت ناهي هوندي۔ (مستدرڪ،ڪتاب الاطعمة،باب ابردوا الطعام الحار،۵/۱۶۲،حديث:۷۲۰۷)

کاڌو ڪيترو ٿڌو ڪيو وڃي؟

حضرت جُوَيرِيه رَضِىَ اللهُ عَنْها کان رِوايت آهي ته رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کاڌي جي ٻاڦ ختم ٿيڻ کان اڳ ان کي کائڻ ناپسند ڪندا هئا۔ (معجم ڪبير،۲۴/۶۶،حديث:۱۷۲)