• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • هاري نقصان arrow icon
    • page 10
    book-logo
    book_icon
    هاري نقصان
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    گناهگار قرار ڏيڻ ۾، ڪنهن جي خلاف بد گماني ڪرڻ ۾، دنيا طلب ڪرڻ ۾، نه ملڻ تي شڪوه ڪرڻ ۾، راءِ قائم ڪرڻ ۾، ڪنهن سان جھيڙو ڪرڻ ۾، ڪنهن تي ڪاوڙ نافذ ڪرڻ ۾، ڪنهن جي خلاف يا ڪنهن ڪم بابت فيصلو ڪرڻ ۾، گاڏي هلائڻ ۾، گاڏي مان لهڻ يا چڙھڻ ۾ ۽ روڊ پار ڪرڻ وغيره بي شمار ديني ۽ دُنيوي معاملن ۾ ماڻهو جلد بازي ڪندا آهن ۽ ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جون عبادتون ئي ضايع ٿي وينديون آهن ۽ ڪڏهن هو دنياوي معاملات ۾ به شديد نقصان کڻندا آهن ۽ انهن وٽ شرمساري ۽ پڇتاوي کان سواءِ ٻيو ڪجھ باقي ناهي رهندو۔ (تفسيرصراطُ الجنان، پ۱۵،بني اسرائيل،تحت الآية:۱۱،۵/۴۲۸) اچو! هن باري ۾ ٻه حديث سڳوريون ۽ ٻه بزرگانِ دين جا قول ٻڌو ۽ جلد بازي جي آفتن ۽ نقصانن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪريو، جيئن

    حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا :رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شيخ عبدُ القيس کي فرمايائون: توهان ۾ ٻه خصلتون اهڙيون آهن جو الله ڪريم کي محبوب آهن، (1) بردباري ۽ (2) جلد بازي نه ڪرڻ۔ (ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ما جاء في التأنّي والعجلة،۳/۴۰۷،حديث:۲۰۱۸)

    حضرت سهل بن سعد ساعدي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: اطمينان الله ڪريم جي طرفان آهي ۽ جلد بازي شيطان جي طرفان آهي۔

    ( ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ما جاء في التّأنّي والعجلة، ۳/۴۰۷، حديث:۲۰۱۹)

    حڪيم الاُمّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: يعني دنياوي ۽ ديني ڪمن کي اطمينان سان ڪرڻ الله پاڪ جي اِلهام مان آهي ۽ انهن ۾ جلد بازي کان ڪم وٺڻ شيطاني وسوسو آهي۔ هن ترجمي ۽ شرح مان معلوم ٿيو ته اها حديث هن آيتِ ڪريمه جي خلاف ناهي: وَ  سَارِعُوْۤا  اِلٰى  مَغْفِرَةٍ  مِّنْ  رَّبِّكُمْ  (پ4،اٰل عمرٰن:133) ترجموڪنزالايمان:(۽ ڊڪو پنهنجي پالڻهار جي بخشش ڏانهن) ۽ نه هن آيت جي خلاف آهي: وَ  یُسَارِعُوْنَ  فِی  الْخَیْرٰتِؕ- (پ4،اٰل عمرٰن:114) ترجموڪنزالايمان:(۽ چڱن ڪمن ۾ اڳرائي ڪن ٿا) جو اتي سُرعت يعني ديني ڪم ۾ دير نه لڳائڻ، جلد ادا ڪرڻ جي ساراھ آهي ۽ هتي خود ڪم ۾ جلد بازي ڪرڻ جو ڪم بگڙجي وڃي ان کان منع ڪيو ويو آهي ڪي ماڻهو ٻن منٽن ۾ چار رڪعتون پڙھي وٺندا آهن، اها آهي عُجلت (جلد بازي)،


     

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • دُرُود شريف جي فضيلت
    • جلد بازي جا نقصان
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • ٻيهر نماز پڙھائي
    • مختصر وضاحت:
    • نماز جو چور
    • بُري خاتمي جي وعيد
    • جلدبازي جا نقصان
    • جلد بازي جي مَذَمَّت
    • گاڏي هلائڻ ۽ روڊ پار ڪرڻ ۾ جلدبازي
    • کاڌو کائڻ ۾ جلد بازي
    • کاڌو ڪيترو ٿڌو ڪيو وڃي؟
    • گرم کاڌي جا نقصان
    • 12 مدني ڪمن مان هڪ ڪم ”هفتيوار اجتماع“
    • فلمن، ڊرامن جو شوقين نمازي بڻجي ويو
    • آخِرت وارن ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ گھرجي
    • ڇھ 6 ڪمن ۾ جلدي ضروري آهي
    • ڪن ڪمن ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي؟
    • مجلس”آئي ٽي“
    • سيدنا عبد الله شاه غازي رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه جي تعارف جون جھلڪيون
    • سنت جي فضيلت ۽ پاڙيسري جي باري ۾ ڪي نڪتا
    • پاڙيسري جي باري ۾ نڪات!
    • دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
    • اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
    • ﴿1﴾ جمعه جي رات جو دُرُود
    • ﴿2﴾ سمورا گُناھ مُعاف
    • ﴿3﴾ رَحمت جا ستّر دروازا
    • ﴿4﴾ ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب
    • ﴿5﴾ قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
    • ﴿6﴾ دُرُود شَفَاعت
    • ﴿1﴾ هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون
    • ﴿2﴾ ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami