Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat
گناهگار قرار ڏيڻ ۾، ڪنهن جي خلاف بد گماني ڪرڻ ۾، دنيا طلب ڪرڻ ۾، نه ملڻ تي شڪوه ڪرڻ ۾، راءِ قائم ڪرڻ ۾، ڪنهن سان جھيڙو ڪرڻ ۾، ڪنهن تي ڪاوڙ نافذ ڪرڻ ۾، ڪنهن جي خلاف يا ڪنهن ڪم بابت فيصلو ڪرڻ ۾، گاڏي هلائڻ ۾، گاڏي مان لهڻ يا چڙھڻ ۾ ۽ روڊ پار ڪرڻ وغيره بي شمار ديني ۽ دُنيوي معاملن ۾ ماڻهو جلد بازي ڪندا آهن ۽ ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جون عبادتون ئي ضايع ٿي وينديون آهن ۽ ڪڏهن هو دنياوي معاملات ۾ به شديد نقصان کڻندا آهن ۽ انهن وٽ شرمساري ۽ پڇتاوي کان سواءِ ٻيو ڪجھ باقي ناهي رهندو۔ (تفسيرصراطُ الجنان، پ۱۵،بني اسرائيل،تحت الآية:۱۱،۵/۴۲۸) اچو! هن باري ۾ ٻه حديث سڳوريون ۽ ٻه بزرگانِ دين جا قول ٻڌو ۽ جلد بازي جي آفتن ۽ نقصانن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪريو، جيئن
حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا :رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شيخ عبدُ القيس کي فرمايائون: توهان ۾ ٻه خصلتون اهڙيون آهن جو الله ڪريم کي محبوب آهن، (1) بردباري ۽ (2) جلد بازي نه ڪرڻ۔ (ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ما جاء في التأنّي والعجلة،۳/۴۰۷،حديث:۲۰۱۸)
حضرت سهل بن سعد ساعدي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: اطمينان الله ڪريم جي طرفان آهي ۽ جلد بازي شيطان جي طرفان آهي۔
( ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ما جاء في التّأنّي والعجلة، ۳/۴۰۷، حديث:۲۰۱۹)
حڪيم الاُمّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: يعني دنياوي ۽ ديني ڪمن کي اطمينان سان ڪرڻ الله پاڪ جي اِلهام مان آهي ۽ انهن ۾ جلد بازي کان ڪم وٺڻ شيطاني وسوسو آهي۔ هن ترجمي ۽ شرح مان معلوم ٿيو ته اها حديث هن آيتِ ڪريمه جي خلاف ناهي: وَ سَارِعُوْۤا اِلٰى مَغْفِرَةٍ مِّنْ رَّبِّكُمْ (پ4،اٰل عمرٰن:133) ترجموڪنزالايمان:(۽ ڊڪو پنهنجي پالڻهار جي بخشش ڏانهن) ۽ نه هن آيت جي خلاف آهي: وَ یُسَارِعُوْنَ فِی الْخَیْرٰتِؕ- (پ4،اٰل عمرٰن:114) ترجموڪنزالايمان:(۽ چڱن ڪمن ۾ اڳرائي ڪن ٿا) جو اتي سُرعت يعني ديني ڪم ۾ دير نه لڳائڻ، جلد ادا ڪرڻ جي ساراھ آهي ۽ هتي خود ڪم ۾ جلد بازي ڪرڻ جو ڪم بگڙجي وڃي ان کان منع ڪيو ويو آهي ڪي ماڻهو ٻن منٽن ۾ چار رڪعتون پڙھي وٺندا آهن، اها آهي عُجلت (جلد بازي)،