Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

نفسِ عبادت ۾ جلدي بُري آهي۔ (مرآة المناجيح، ۶/۶۲۵)

شيخُ الاسلام شهابُ الدِّين امام احمد بن حجر مڪي شافعي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: توڙي جو جلد بازي شيطان جي طرفان ٿيندي آهي پر هو پاڻ جلدباز ناهي هوندو بلڪ انسان کي اهڙي طرح آهسته آٓهسته برائي ۾ مبتلا ڪندو آهي جو ان کي خبر به ناهي پوندي، پر جيڪو شخص ڪو عملي قدم کڻڻ کان پهريان خوب غورو فِڪر ڪندو آهي ته ان کي ان ڪم ۾ بصيرت حاصِل ٿي ويندي آهي، تنهنڪري جيستائين ڪنهن ڪم ۾ بصيرت حاصِل نه ٿئي ته ان ۾ جلد بازي نه ڪرڻ گھرجي سواءِ اُن ڪم جي جنهن کي فوراً ڪرڻ واجِب هجي ۽ ان ۾ غورو فِڪر جي ڪا گنجائش ئي نه هجي۔

(الزواجرعن اقتراف الڪبائر،۱/۱۸۱)

بڑھا جاتا ہے ہردم آہ! غلبہ نفس و شیطاں کا

یہ ہر نیکی میں ہو جاتے ہیں حائل  یارَسُوْلَ اللہ

                                                                                   (وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۳۳۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

گاڏي هلائڻ ۽ روڊ پار ڪرڻ ۾ جلدبازي

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي ملڪ ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڇا ڪڏهن اسان غور ڪيو ته آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان جو هڪ تمام وڏو سبب جلدبازي به آهي۔ انهيء جلد بازي جي ڪري گاڏين وارا پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويندا آهن، اهڙي جلد بازي جي سبب گاڏين کي شديد نقصان پهچندو آهي، انهيء جلد بازي جي سبب واٽ ويندڙ ماڻهو چيڀاٽجي ويندا آهن، انهيء جلدبازي جي ڪري گاڏي هلائڻ وارو نه صرف پنهنجو بلڪ ٻين جو به نقصان ڪري ويهندو آهي، انهيء جلدبازي جي ڪري ڪيئي ماڻهو زخمي به ٿي پوندا آهن، انهيء جلدبازي ڪرڻ جي نتيجي ۾ سڄي زندگي جي لاءِ معذوري ڳچي ۾ پئجي ويندي آهي، انهيء جلدبازي جي ڪري کوڙ قيمتي جانيون ضايع ٿي وينديون آهن، وغيره۔  ياد رکو! منزل تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ گاڏي هلائڻ ۾ تيز رفتاري ۽ روڊ پار ڪرڻ ۾ جلدبازي ڪرڻ انسان کي گھر جي بدران قبرستان به پهچائي سگھي ٿي، تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته