Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني دُنياوي ڪم ۾ دير لڳائڻ سٺو آهي ته ممڪن آهي اهو ڪم خراب هجي ۽ دير لڳائڻ ۾ ان جي خرابي معلوم ٿي وڃي ۽ اسان ان کان پاسو ڪريون پر آخرت جو ڪم ته سٺو ئي سٺو آهي ان کي موقعو (Chance) ملندي ئي ڪري وٺو ڇوته دير ڪرڻ ۾ ٿي سگهي ٿو ته موقعو ويندو رهي۔ ڪيئي ڀيرا ڏٺو ويو ته ڪجھ ماڻهن کي (حج جو) موقعو مليو نه ڪيائون پوءِ نه ڪري سگھيا۔ ربِّ ڪريم فرمائي ٿو: فَاسۡتَبِقُوا الۡخَیۡرٰتِ ؕ؃  سو اهو ئي سوچيو ته چڱائين ۾ ٻين کان اڳرائي ڪريون۔ (پ۲،البقرة:148) شيطان خير واري ڪم ۾ دير ڪرائي نيٺ ان کان روڪي ڇڏيندو آهي۔ (مرآة المناجيح ،۶/۶۲۷ ملخصًا)

اچو! هاڻي ٻڌون ٿا ته اهي ڪهڙا ڪم آهن جن ۾ جلدي ڪرڻ ضروري آهي، جيئن

ڇھ 6 ڪمن ۾ جلدي ضروري آهي

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب”حڪايتون ۽ نصيحتون“ جي صفحي نمبر 164 تي آهي: منقول آهي: جلدبازي شيطان جي طرفان آهي پر هنن ڇهن ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ شيطان جي طرفان ناهي اهي هي آهن: (1) جڏهن نماز جو وقت ٿي وڃي ته ان ۾ جلدي ڪرڻ (2) مهمان اچي ته ان جي مهمان نوازي ڪرڻ (3) ڪنهن جي مرڻ تي ان کي ڪفنائڻ ۽ دفنائڻ (4) ڇوڪريءَ جي بالغ ٿيڻ تي ان جي شادي ڪرڻ (5) قرض جي ادائيگي جو وقت اچي ته ان کي جلد ادا ڪرڻ ۽ (6) ڪو گناھ ٿئي ته يڪدم توبه ڪرڻ۔ ( الروض الفائق ، المجلس الثالث عشر في ذڪر جھنم ، باب صفة الفقير ، ص۸۶)

ڪن ڪمن ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي؟

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”جلد بازي جا نقصانات“ جي صفحي نمبر137 تي لکيل آهي: ته ٭ نماز جي لاءِ اٿڻ ۾ دير نه ڪريو ٭ نماز جو وقت اچڻ تي نماز جي ادائيگي ۾ دير نه ڪريو ٭ قرض ادا ڪرڻ ۾ جلدي ڪريو ٭ سلام ۾ اڳرائي ڪريو ٭ فرض حج لاءِ وڃڻ ۾ دير نه ڪريو ٭ غُسل فرض ٿيڻ تي غُسل ڪرڻ ۾ جلدي ڪريو گناهن کان جلد توبه ڪريو ٭ نيڪ بڻجڻ ۾ جلدي ڪريو ٭ راھ خدا ۾ خَرچ ڪرڻ ۾ دير نه ڪريو ٭ اولاد جوان (young) ٿي وڃي ته جلد شادي ڪريو ٭ مهمان کي جلد کاڌو