Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

ڏيارڻ وارن عملن) مان هڪ عمل آهي ۽ ان نجات ڏيارڻ واري عمل کي اسان ڪيئن اپنائي سگهون ٿا، ان جي معلومات جو حاصل ڪرڻ اسان تي لازم آهي. جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي نعمتن تي غور ڪريون ته خدا جو قسم شڪوه ۽ شڪايت جو سوچي به نه سگهنداسين. خود الله پاڪ پنهنجو شڪر ادا ڪرڻ جي باري ۾ حڪم ڏيندي پاره 2 سورة البقره آيت نمبر 152 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اشْكُرُوْا لِیْ وَ لَا تَكْفُرُوْنِ۠(۱۵۲)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ منهنجو حق مڃو ۽ منهنجي ناشڪري نه ڪريو.

نعمت ڇو کسجي ويندي آهي؟

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪا ايمان افروز حڪايت بيان ٿي ان مان اهو درس به حاصل ٿيو ته جيڪڏهن ڪڏهن الله پاڪ پنهنجي ڪا نعمت اسان کان واپس وٺي، تڏهن به ان جون اسان تي نعمتون ايتريون وڌيڪ هونديون آهن جو اسان انهن تي ان ڪريم رب جو شڪر ادا نٿا ڪري سگھون۔ ان ڪري جيڪڏهن ڪا نعمت اسان کان جدا ٿي وڃي ته اسان کي ان جدا ٿيڻ واري نعمت تي نظر رکڻ ۽ ان جو غم ملهائڻ بدران باقي جيڪي نعمتون ان اسان کي عطا ڪيون آهن ان تي نظر رکندي ان جو شڪر ئي ادا ڪرڻ گھرجي۔ تقدير ۾ ڇا لکيل آهي ان کي ڪير نٿو ڄاڻي پر ان ۾ شڪ ناهي ته ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڪا نعمت جيڪا الله پاڪ اسان کي عطا ڪئي هوندي آهي اها اسان جي زحمت جو سبب بڻجڻ واري هوندي آهي جو ايتري ۾ اهو ربِّ ڪريم اسان تي رحم فرمائيندي ان کي واپس وٺي لاهيندو آهي، ٻڌايو! هن ۾ ته اسان جو فائدو ئي ٿيو جو اها نعمت جيڪا عنقريب اسان جي لاءِ پريشاني جو سبب (Reason) بڻجڻ واري هئي ان رحيم ۽ ڪريم رب اسان جي چوڻ بنا ان کي اسان کان هن طرح واپس ورتو جو اسان کي ڪنهن به پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو۔ هاڻي ان تي ته ان مهربان ۽ عظيم رب جو