Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

هو بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته جڏهن مون ان شخص جي اها حالت ڏٺي ته مون چيو: خدا جو قسم! مان هن شخص کان اهو ضرور پڇندس ته ڇا حمد جا اهي پاڪيزه جملا توکي سيکاريا ويا آهن يا توکي اِلهام ٿيا آهن؟ پوءِ انهيء ارادي سان مان ان وٽ ويس ۽ ان کي سلام ڪيو، ان منهنجي سلام جو جواب ڏنو۔ مون چيو: اي نيڪ انسان! مان تو سان هڪ شيء جي باري ۾ سوال ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇا توهان مون کي جواب ڏيندؤ؟ هو چوڻ لڳو: جيڪڏهن مون کي خبر هوندي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ضرور جواب ڏيندس۔ مون چيو: (توهان جا هٿ، پير ۽ اکيون وغيره سڀ ضايع ٿي چڪا آهن پوءِ) اها ڪهڙي نعمت آهي جنهن تي توهان الله جي حمد ڪري رهيا آهيو ۽ اها ڪهڙي فضيلت آهي جنهن تي توهان ان جو  شڪر ڪري رهيا آهيو؟ هو شخص چوڻ لڳو: ڇا تون نٿو ڏسين ته منهنجي ربّ مون سان ڪهڙو مُعاملو فرمايو؟ مون چيو: ڇو نه، مان سڀ ڏسي چڪو آهيان۔ پوءِ هو چوڻ لڳو: ڏسو! جيڪڏهن الله پاڪ چاهي ها ته مون تي آسمان تان باھ وسائي ها جيڪا مون کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي ها، جيڪڏهن هو پَرۡوَرۡدۡگار چاهي ها ته جبلن کي حڪم ڏي ها ۽ هو مون کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏين ها، جيڪڏهن الله چاهي ها ته سمنڊ کي حڪم فرمائي ها اهو مون کي غرق ڪري ڇڏي ها، جيڪڏهن الله چاهي ها ته زمين کي حڪم ڪري ها ته اها مون کي پنهنجي اندر دٻائي ڇڏي ها۔ پر ڏسو، الله پاڪ مون کي انهن تمام مصيبتن کان محفوظ رکيو، پوءِ مان پنهنجي رَبّ جو شڪر ادا ڇو نه ڪيان؟ ان جي حمد ڇو نه ڪيان؟ ۽ ان پاڪ پَرۡوَرۡدۡگار سان مَحَبَّت ڇو نه ڪيان؟ (عيون الحڪايات،ص۹۴ملخصاً)

مِرے سَر پہ عِصْیاں کا بار آہ مولیٰ!                                      بڑھا جاتا ہے دَم بدم یاالٰہی!

زمیں بوجھ سے میرے پھٹتی نہیں ہے                            یہ تیرا ہی تو ہے کرم یاالٰہی!

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص ۱۱۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد