Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

وينديون آهن، غور ڪريو! کاڌو کائڻ کان وٺي هضم ٿيڻ تائين هر هر شيء هڪ نعمت آهي۔ هي ته اهي نعمتون آهن جيڪي صرف کاڌي جي لاءِ استعمال ٿين ٿيون ان جي علاوه نعمتن جو هڪ ڊگھو سلسلو آهي جنهن کان اسان ڏينهن رات فائدو کڻندا آهيون۔

هڪ نعمت جو به شڪر ادا ڪرڻ ممڪن ناهي

      جيڪڏهن اسان انهن مان هڪ به نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ چاهيون ته اسان جي زندگي ختم ٿي ويندي پر نعمت جو شڪر ختم نه ٿيندو، ان ڪري اسان کي هر حال ۾ الله ڪريم جي نعمتن جي قدر ڪندي مَولا ڪريم جو شڪر ادا ڪندو رهڻ گھرجي۔ ياد رکو! جيڪڏهن ٻانهو سڄي عمر گناهن کان بچندو رهي ۽ سڄي عمر نيڪين ۾ گذاري ڇڏي تڏهن به اهي تمام عبادتون ربِّ ڪريم جي ڏنل صرف هڪ نعمت جو صلو (Reward) نٿيون بڻجي سگھن، اچو! هن باري ۾ هڪ حديثِ پاڪ ٻڌون ٿا:

            حضرتِ سيدُنا واثَله بن اسقع رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن الله پاڪ هڪ ٻانهي کي زنده فرمائيندو جنهن جي اعمال نامي ۾ ڪو گناهه نه هوندو۔ الله ڪريم ان کي فرمائيندو: توکي ٻنهي ڳالهين مان ڇا پسند آهي جو توکي تنهنجي عملن جو بدلو ڏيان يا پنهنجي احسان ۽ فضل سان بدلو ڏيان؟ ٻانهو چوندو: مَولا! توکي خبر آهي ته مون ڪڏهن تنهنجي نافرماني ناهي ڪئي۔ الله ڪريم فرمائيندو: ”منهنجي ٻانهي کي منهنجي نعمتن مان ڪنهن هڪ جي بدلي پڪڙي وٺو۔“ هاڻي ان وٽ ڪا نيڪي باقي نه رهندي، تمام نيڪيون هڪ نعمت گهيري وٺندي۔ ٻانهو چوندو:”مولا! پنهنجي رحمت ۽ فضل سان بدلو عطا فرما۔“ ربِّ ڪريم فرمائيندو:”منهنجي رحمت ۽ منهنجي فضل (سان بدلو ملندو)۔“ ايتري ۾ هڪ ٻئي شخص کي آندو ويندو جنهن جي اعمال نامي ۾ ڪو گناھ نه هوندو۔ الله پاڪ فرمائيندو: ڇا تون منهنجي ولين کان دوستي