Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

رسائل وغيره جي سيٽنگ بڻايو، رسالن جي دعوت اسلامي جي چندي مان نه، بلڪ الڳ سان ترڪيب بڻايو) (ابلق گھوڙي سوار، ص۴۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ’’شان عثمان غني‘‘ ذوالحجة الحرام جو مهينو اسان جي وچ ۾ پنهنجون رحمتون ۽ برڪتون لٽائي رهيو آهي، هن مهيني جي 18 تاريخ جو ٽئين خليفي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عثمانِ غني رَضِي الله عَنْه جو يومِ شهادت آهي، انهيءَ مناسبت سان سندن سيرت ۽ ڪردار بابت ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، ان سان گڏ ٻيا به ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد