Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

هو، ان ارادو ڪيو ته انٽرويو کان پوءِ ٽي ڏينهن مَدَني قافلي ۾ سفر ڪندس۔ انٽرويو کان پوءِ هو مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويو۔ اڃا مدني قافلي جو ٻيو ئي ڏينهن هو جو ان کي خبر ملي ته انٽرويو ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي، پوءِ مدني قافلي کان واپسي جي ڪجھ ڏينهن بعد ئي ان کي ڪمپني جي طرفان ليٽر به ملي ويو۔ هن طرح اَلْحَمْدُلِلّٰه مَدَني قافلي جي برڪت سان ان کي روز گار ملي ويو۔

نوکری چاہئے، آئیے آئیے                                           قافلے میں چلیں ، قافلے میں چلو

تنگدستی مٹے دور آفت ہٹے                                          لینے کو بَرَکتیں ،قافلے میں چلو

دُور بیماریاں اور پریشانیاں                                            ہوں گی بس چل پڑیں، قافِلے میں چلو

سُن لے عطاّرؔ کی، اپنے غمخوار کی                                    یہ ندا ’’سب چلیں‘‘! قافِلے میں چلو

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۶۷۲،۶۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نعمتن جو شڪر ڪيئن ادا ڪريون؟

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان نعمتن جي قدر ڪرڻ جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، افسوس ته هڪ تعداد کي ته اهو به ناهي معلوم ته الله پاڪ جي ڏنل نعمت تي ان جو شڪر ادا ڪيئن ڪريون، ڪي ماڻهو نعمتن تي زباني ڪلامي هيئن چوندي ٻڌا ويا آهن، ادا الله پاڪ جو ڏنل سڀ ڪجھ آهي، ڪرم آهي مالڪ جو، ان جو شڪر آهي سڀ ڪجھ عطا ڪيائين، اهو به غنيمت آهي جڏهن ته بعض علم کان پري ۽ ناسمجھ ماڻهو نعمتن کي ته مَعَاذَ الله گناهن ۾ استعمال ڪري رهيا هوندا آهن ۽ گڏوگڏ شڪر وارا جملا به چئي رهيا هوندا آهن۔ ياد رکو! نعمت جو حقيقي شڪر اهو ئي آهي ته ان نعمت تي زبان سان به شڪر ادا ڪيو وڃي ۽ ان نعمت کي نيڪيون ڪرڻ جي لاءِ به استعمال