Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

شُکْر صد شُکْر غلامی سے ملی آزادی                                  پھر عنایت ہمیں کھوئی ہوئی شوکت فرما

آج ہے امن وطن کا میرے پارہ پارہ                                پھر مہیا میرے مولا اسے راحت فرما

چور ڈاکو سے مرے پاک وطن کو کر پاک                           ملک سے دور تو رشوت کی نحوست فرما

بچہ بچہ ہو نمازی میرے پاکستان کا                                      اور عطا جذبَۂ پابندیِ سُنّت فرما

واسِطہ شاہِ مدینہ کا اے پیارے اللہ                                   دُور عطارؔ سے دنیا کی مَحَبَّت فرما

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مجلس امامت ڪورس

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ خدمتِ دين جي ڪم و بيش107 شُعبن ۾ سُنّتن جي ڌُومون مچائي رهي آهي، جن مان هڪ شعبو ”مجلس امامت ڪورس“ به آهي۔ امامت هڪ اهڙو مقدس شعبو آهي جو هر شخص دل سان ان جي قدر ڪندو آهي۔ اميرِاهلسُنَّت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادِرِي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: امامت اسلام جي بهترين خدمت ۽ رزقِ حلال جي حصول جو عظيم ذريعو آهي۔ ”مجلس امامت ڪورس“ جي ذمه دارين ۾ اهو به شامل آهي ته اها اندرونِ ۽ بيرونِ ملڪ جي مسجدن جي لاءِ اهل ۽ ذمه دار امام ۽ مؤذن مهيا ڪري۔ اها مجلس هن ڳالھ کي يقيني بڻائيندي آهي ته دعوتِ اسلامي جي تحت ذمه داريون سرانجام ڏيڻ وارا امام سڳورا امامت ۽ نماز بابت بنيادي فرض علوم کان مڪمل آگاهي رکندا هجن، اهي متقي هئڻ سان گڏوگڏ باعمل به هجن، دِين ۽ مسلڪ جو درد رکڻ وارا هجن، مدني مرڪز جي طريقِ ڪار جي مطابق 12 مدني ڪمن جون ڌُومون مچائڻ وارا هجن۔ امام سڳورا سٺو بيان ڪرڻ جي صلاحيت، عقائد ۾ پختگي، امامت ۽ خطابت جي اهليت، تجويد ۽ قراءت سان