Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

آهي ۽ انهن مان منهنجي سوا ڪو به ربِّ ڪريم کي نٿو سڃاڻي، ڇا مان پوءِ به ان جو شڪر ادا نه ڪيان؟ (حليۃالاولياء وطبقات الاصفياء،۴/۷۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نعمت آزمائش به آهي

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته ڪريو ته نابين ٿيڻ، برص جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ ڪوڙھ جهڙي بيماري جو اچڻ ۽ پوءِ به رب جو شڪر ادا ڪرڻ شڪر جو ڪيترو اعليٰ مقام آهي۔ هن سان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جا بزرگ سڳورا الله پاڪ جي ڏنل نعمتن جا حقيقي قدر دان هئا، اي ڪاش ته اسان کي به نعمتن جو قدر نصيب ٿي وڃي۔ ياد رکو! نعمتن جي قدر ڪندي انهن تي شڪر ادا ڪرڻ ئي حقيقي عقلمندي آهي، جيڪڏهن نعمت ماڻي به ان جي ناشڪري ڪئي وڃي ته اها نعمت زحمت جو سبب به بڻجي سگھي ٿي، جيئن مشهور تابعي حضرت سَيدُنا ڪعبُ الۡاحۡبار رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ دُنيا ۾ ڪنهن ٻانهي تي اِنعام ڪري پوءِ اهو الله پاڪ جي لاءِ ان نعمت جو شڪر اَدا ڪري ۽ ان نعمت جي ڪري الله پاڪ جي لاءِ عاجزي ڪري ته الله پاڪ ان کي دنيا ۾ ان نعمت سان نَفعو ڏيندو آهي ۽ جنت ۾ ان جو درجو به بُلند فرمائيندو آهي ۽ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي نعمت تي شڪر اَدا نه ڪري ۽ نه ئي عاجزي ڪري ته الله پاڪ ان ٻانهي کان ان نعمت جو دنياوي نفعو به روڪي ڇڏيندو آهي ۽ ان جي لاءِ جهنّم جو هڪ طبقو کولي ڇڏيندو آهي، هاڻي الله پاڪ چاهي ان کي عذاب ڏي ۽ چاهي ته معاف ڪري۔ (حليۃالاولياء وطبقات الاصفياء، ۶/۴۲)

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ ۽ ان تي عاجزي اختيار ڪندو رهڻ گھرجي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ هر هر نعمت جي صحيح استعمال ۽ ان جو شڪر ادا ڪرڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي، اوهان به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي