Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

ڪو به شمار نٿو ڪري سگھي بلڪ هڪ لمحي ۾ اسان تي ان ڪريم جون ڪيتري قدر نعمتون ۽ ڪرم نوازي آهي، ڪو به ان جي ڪامل سڃاڻپ نٿو رکي پر جنهن کي الله پاڪ خود جيتري پهچان عطا ڪري، حقيقت ته هي آهي جو اسان کي جن نعمتن جو جيترو شعور آهي اسان انهن نعمتن جي به صحيح طور قدر ڪرڻ وارا ناهيون. ۽ انهن نعمتن تي ان خالق ۽ مالڪ جو شڪر ڪرڻ وارا ته شايد تمام گھٽ آهن۔ شايد اهو ئي سبب آهي جو هڪ نعمت به جيڪڏهن هلي وڃي ته بعض اوقات شڪوه شڪايت ۽ ٻين نعمتن جي ناقدري جو هڪ ڊگھو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، اسان کي پنهنجي سوچ کي ڪيئن رکڻ گھرجي ۽ ڪهڙي طرح صبر ۽ شڪر جو سلسلو جاري رکڻ گھرجي، اڄ اسان هن باري ۾ مدني گل ٻڌنداسين۔ الله ڪري جو تمام بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت ملي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اچو پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

ٻارهن سُوارن جو قافلو

حضرت سَيدُنا امام اَوزاعي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي هڪ بُزرگ اهو واقعو ٻڌايو ته مان اولياءِ ڪرام جي تلاش ۾ رهندو هئس ۽ انهن جي قيام گاهن کي ڳولڻ لاءِ ريگستانن، جبلن ۽ جنگلن ۾ ڦرندو هئس ته جيئن انهن جي صحبت کان فيض ياب ٿي سگھان۔ هڪ ڀيري انهيء مقصد (Purpose) جي لاءِ مصر ڏانهن روانو ٿيس، جڏهن مان مصر جي ويجھو پهتس ته هڪ ويران هنڌ ۾ خيمو ڏٺو، جنهن ۾ هڪ اهڙو شخص موجود هو، جنهن جا هٿ، پير ۽ اکيون (جُذّام(ڪوڙھ) جي) بيماري سبب ضايع ٿي چڪيو هيون۔ هن حالت ۾ به اهو شخص هنن لفظن سان پنهنجي رب جي حمد ۽ ثنا ڪري رهيو هو ته اي منهنجا پَرۡوَرۡدۡگار! مان تنهنجي اها حمد (ساراھ) ڪيان ٿو جيڪا سموري مخلوق جي حمد جي برابر هجي۔ اي منهنجا پَرۡوَرۡدۡگار! بيشڪ تُون سڄي مخلوق جو خالق (بنائڻ وارو) آهين ۽ تُون سڀني تي فضيلت رکين ٿو، مان ان انعام تي تنهنجي حمد ڪيان ٿو ته تو مون کي مخلوق ۾ ڪيئي ماڻهن کان افضل بڻايو۔