Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ وارا بڻجي وڃو۔ 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ٽن ڏينهن جو ”قافلو“ به آهي۔

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”3 ڏينهن جو  قافلو“

      اَلْحَمْدُ لِلّٰه مَدَني قافِلن جي بَرَڪت سان خبر ناهي ڪيترن ماڻهن جي زندگين ۾ مَدَني انقلاب برپا ٿي چڪو آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪ ماڻهن جي صحبت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجد ۾ نَفلي اِعتڪاف ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان بي نمازين کي نمازن جي اَهمِّيت معلوم ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان کوڙ ديني مسئلا سکڻ جي سعادت ملندي آهي۔٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدن ۾ ذِڪر و اَذڪار، دَرس ۽ بَيانات جو سِلسِلو جاري رهندو آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدون آباد ٿينديون آهن۔ ٭ ۽ مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي! حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن ڪو ٻانهو ذِڪر ۽ نَماز جي لاءِ مسجد کي ٺڪاڻو بڻائيندو آهي ته الله پاڪ ان کان اهڙو خوش ٿيندو آهي جيئن ماڻهو پنهنجي گمشده شخص جي پاڻ وٽ موٽڻ تي خوش ٿيندا آهن۔'' (ابن ماجه،ڪتا ب المساجد … الخ،با ب لزوم المساجد …الخ،۱/ ۴۳۸، رقم :۸۰۰)

اچو! ترغيب لاءِ مَدَني قافِلي جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

مدني قافلي جي برڪت سان روزگار ملي ويو

مدينة الاولياء ملتان (پنجاب، پاڪستان) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته هو ڪافي عرصي کان روز گار جي سلسلي ۾ پريشان هو، کوڙ هنڌن تي انٽرويو به ڏنا پر ڪو به جواب نه آيو۔ انهيء دوران خوش قسمتي سان ان جي ملاقات دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، ان تسلي ڏياريندي چيائين: پيارا ڀاءُ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالھ ناهي اوهان دعوتِ اسلامي جي مَدَني قافلي ۾ سفر ڪريو، اتي بيروزگاري کان نجات جي دعا ڪريو، اِنْ شَآءَ الله ڪرم ٿيندو۔ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ هڪ ڪمپني ۾ ان جو انٽرويو