Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

نعمتن جو ڊگھو سلسلو

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! هٿ، پير ۽ اکيون انساني جسم جي اهم عضوئن (Important Parts of body) ۾ شمار ٿين ٿا، انهن ٽنهي مان ڪا هڪ نعمت به گھٽ ٿي وڃي ته زندگي کان ٺيڪ طرح لطف اندوز ٿيڻ گھڻن جي لاءِ ممڪن ناهي رهندو، اهڙي حالت ۾ شڪر ته ڇا شڪوه کان به جيڪڏهن پاسو ڪيو وڃي ته اسان جي تمام وڏي سعادت ٿئي، پر الله وارن جا معاملا ڏسو، هاڻي اسان ٻڌو ته هو بزرگ بيماري جي ڪري پنهنجي هٿ، پير ۽ اکين کان محروم ٿي ويو پر پوءِ به شڪوه شڪايت ته رهيو پري پر الله پاڪ جو شڪر پنهنجي زبان تي جاري رکيل هو۔ ۽ ان جو سبب بيان ڪندي ڄڻ ته انهن اسان کي سيکاريو ته جيڪڏهن ان بي نياز رب مون کان هٿ، پير ۽ اکين جي صورت ۾ پنهنجون ڪجھ نعمتون واپس ورتيون آهن ته ڇا ٿيو؟ منهنجو باقي جسم ته سلامت آهي اهو به ته ان مالڪ ۽ خالق جي نعمت آهي، مان ڳالهائي سگھان ٿو منهنجي زبان سلامت آهي اها به الله ڪريم جي نعمت آهي، مان ٻڌي سگھان ٿو، منهنجا ڪن سلامت آهن اهي به ته ان ربِّ ڪريم جي نعمت آهن، منهنجي دل ڌڙڪي رهي آهي اها به ته ان ڪريم پَرۡوَرۡدۡگار جي عطا آهي، منهنجو ساھ هلي رهيو آهي اهو به ته ان پَرۡوَرۡدۡگار جي نعمت آهي، منهنجي جسم جا ٻيا عضوا به سلامت آهن ۽ ڪم به ڪري رهيا آهن اهي به ته الله پاڪ جون نعمتون آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو جو مان هٿ ضايع ٿيڻ، پير ضايع ٿيڻ ۽ اکيون ضايع ٿيڻ جي باوجود ان روزي ڏيڻ واري مالڪ ۽ مولا جو شڪر ادا ڪري رهيو آهيان، مون کي هن نيڪ ڪم جي توفيق مليل آهي اها به ته ان ربِّ ڪريم جي نعمت آهي۔ الله پاڪ اسان کي به اهڙن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

  پيارا پيار اسلامي ڀائرو!  هن حڪايت مان هي معلوم ٿيو ته شڪر ادا ڪرڻ جي چاٻي ڪهڙي آهي؟ اها آهي الله پاڪ جي نعمتن کي ڄاڻڻ، انهن تي غور ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي احسانن کي مڃڻ. ياد رهي ”شڪر“ مُنۡجِيات(يعني نجات