Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

نعمتون ئي نعمتون!

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ شڪ ناهي ته الله پاڪ جون نعمتون بي انتهاء آهن، ان جي ڏنل نعمتن جو ڪوئي حساب نه آهي، جيڪڏهن ڪو ان جي نعمتن کي ڳڻڻ شروع ڪري ته ان ۾ شڪ ناهي ته زندگي ته ختم ٿي ويندي پر نعمتن جو تعداد ختم نه ٿيندو، اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ جڏهن سائنس پنهنجي عروج (Climax) تي آهي، ڪائنات جا ڪيئي راز سائنس جي ڪري ظاهر ٿي رهيا آهن، هر ڏينهن نيون ايجادات ۽ تحقيقات ٿي رهيون آهن، جديد ترين آلات جي مدد سان لکين، ڪروڙين، اربين، کربين بلڪه بي شمار شين جو حساب ۽ ڪتاب لڳائي سگھجي ٿو، پر اڄ تائين ڪا اهڙي مشين ايجاد ناهي ٿي جيڪا الله پاڪ جي نعمتن جو شمار ڪري سگھي، يقيناً ان ڪريم رب جون نعمتون بي حساب آهن، انهن کي نه ئي ڪو شمار ڪري سگھيو آهي نه ئي ڪو شمار ڪري سگھندو۔ پاڻ الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ پنهنجي نعمتن بابت ارشاد فرمايو آهي:

وَ اِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ لَا تُحْصُوْهَاؕ- (پ۱۴،نحل،۱۸)                           

ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ جيڪڏهن الله جُون نِعمتُون ڳڻيو ته اُنهن جو شُمار ڪري نه سگھندؤ ۔

      اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو ته اسان جون زندگيون ختم ٿي سگھن ٿيون پر وڏي ڪوششن جي باوجود اسان الله پاڪ جي نعمتن جو شمار نٿا ڪري سگھون، جيڪڏهن اسان مان هر هڪ پنهنجي پاڻ کي ملندڙ نعمتن جو جائزو وٺي ته اندازو ٿيندو ته اسان کي الله پاڪ ڪيتريون نعمتون عطا ڪيون آهن۔

کاڌي ۾ استعمال ٿيل نعمتون

   ٿورو غور ڪريو! اسان جيڪو کاڌو کائون ٿا، هن کاڌي ۾ اسان جي لاءِ ڪيتريون نعمتون لڪيل آهن، سڀ کان پهريان اهو غور ڪريو هڪ ٻج جيڪو زمين جي اندر پوکيو ويندو آهي، الله پاڪ ان کي ڪڍي ٿو، ۽ اسان