Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ وارن جي لاءِ  نيتون ۽ احتياطون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! اميرِاَهلسنّت،حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رِسالي ” ابلق گھوڙي سوار“ مان قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ واري جي لاءِ نيتون ۽ احتياطون ٻڌون ٿا: ٭ رضاءِ الـٰهي جي لاءِ سٺيون نيتون ڪيان ٿو ٭ هر حال ۾ شريعت ۽ سنّت جو دامن پڪڙي رکندس ٭ قرباني جي کلن جي لاءِ ڀڄ ڊُڪ جي ذريعي دعوت اسلامي سان تعاون ڪندس ٭ ڪو ڪيتري به بد سلوڪي ڪري پر غصي جو اظهار ۽ ٭ بد اخلاقي کان پرهيز ڪري دعوت اسلامي جي عزت آبرو جي حفاظت ڪندس ٭ قرباني جي کلن جي ڪري ڪيتري به مصروفيت هجي بنا شرعي عذر جي ڪنهن به نماز جي جماعت ته ڇا تڪبير اوليٰ به نه ترڪ ڪندس ٭ خون آلود بدبودار ڪپڙن سميت مسجد ۾ نه ويندس ٭ قلم، رسيد بُڪ، پيڊ، گلاس، چانهه جي پيالن وغيره پاڪ شين کي ناپاڪ رت نه لڳڻ ڏيندس (فتاويٰ رضويه جلد 4 صفحي 585 تي آهي: پاڪ شين کي (بنا شرعي اجازت جي) ناپاڪ ڪرڻ حرام آهي) ٭ پنهنجي طئي ٿيل کل جيڪڏهن ڪنهن عاشقِ رسول جي اداري جو ماڻهو وٺڻ نه پهتو، يا ٭ غلطي سان مون وٽ اچي وئي ته ثواب جي نيت سان اتي ڏئي ايندس ٭ جيڪو کل ڏيندو ته ٿي سگھيو ته ان کي مڪتبة المدينه جو ڪو رسالو يا پمفلٽ تحفي ۾ پيش ڪندس ٭ ۽ ان کي شڪريه، جَـزَاکَ الله چوندس. (فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: مَنْ لَّمْ یَشْکُرِ النَّاسَ لَمْ یَشْکُرِ اللّٰہَ۔ يعني جنهن ماڻهن جو شڪريو ادا نه ڪيو ان الله پاڪ جو به شُڪر ادا نه ڪيو. (ترمذي ج 3 ص 384 حديث 1962) ٭ کل ڏيڻ واري تي انفرادي ڪوشـش ڪري ان کي سـنتن ڀري اجـتماع ۽ ٭ مدني قافلن ۾ سفر وغيره جي رغبت ڏياريندس ٭ بعد ۾ به ان سان رابطو رکي ڪري کل ڏيڻ جي احسان جي بدلي ۾ ان کي مدني ماحول ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ٭ اهو مدني ماحول ۾ آهي ته ان کي مدني قافلي جو مسافر يا ٭ مدني انعامات جو عامل بڻائيندس ٭ ڪا نه ڪا وڌيڪ مدني سيٽنگ ڪندس (ذميدارن کي کپي ته بعد ۾ وقت ڪڍي ڪري کل ڏيڻ وارن جو شڪريو ادا ڪرڻ ضرور وڃو ۽ ان سڀ احسان ڪرڻ وارن کي علائقي سطح تي يا جيئن مناسب هجي گڏ ڪري مختصر نيڪي جي دعوت ۽ لنگر