Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

ڪيو وڃي۔ حضرت سيدُنا ابو عبدالله رازي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا ته حضرت سيدُنا سُفيان بن عُيينَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مون کي فرمايائون: ابوعبدالله! نعمت تي شڪرِخداوندي اهو آهي ته تون ان جي حمد (ساراھ) ڪرين ۽ ان نعمت کان نيڪي تي مدد حاصل ڪرين۔ جنهن نعمتِ الٰهي کان گُناھ تي مدد ورتي ان الله پاڪ جو ان جي نعمت تي شڪر ادا نه ڪيو۔ (حليۃالاولياء وطبقات الاصفياء، ۷/۳۲۸) جڏهن ته جسماني عضوئن جو شڪر ڪيئن ادا ٿيندو آهي، اچو ٻڌون ٿا:

جسماني عضوئن جو شڪر ڇا آهي؟

هڪ شخص حضرت سيدُنا ابُو حازِم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي عرض ڪيائين: اي ابُو حازم! اکين جو شڪر ڇا آهي؟“ ارشاد فرمايائون: ”انهن جي ذريعي ڪا چڱي ڳالھ ڏسو ته ان کي عام ڪيو ۽ جيڪڏهن بُري ڳالھ ڏسو ته ان کي لڪايو۔

افسوس! اسان جو هڪ تعداد آهي جن جون اکيون چڱا ڪم ۽ چڱيون ڳالهيون ڏسڻ کان گھڻيون پري رهنديون آهن جڏهن ته برا ڪم بريون ڳالهيون ڏسڻ جي جستجو ۾ رهنديون آهن۔

عرض ڪيائين: ”ڪنن جو شڪر ڇا آهي؟“ پاڻ ارشاد فرمايائون: ”جيڪڏهن انهن جي ذريعي چڱي ڳالھ ٻڌو ته ان کي ياد ڪيو ۽ جيڪڏهن بُري ڳالھ ٻڌو ته پوشيده رکو۔“

افسوس! اسان جو هڪ تعداد آهي جن جا ڪن علمِ دين، نيڪي جي دعوت ۽ وعظ و نصيحت تي مشتمل سٺيون ڳالهيون ٻڌڻ جا موقعا ملڻ کان به فائدو نٿا کڻن، جڏهن ته بريون ڳالهيون ٻڌڻ جي تلاش ۾ رهندا آهن ۽ جڏهن ٻڌي ورتيون ته ٻه چار کي ٻڌائڻ بنا چين سان ناهن رهندا۔

عرض ڪيائين: هٿن جو شڪر ڇا آهي؟“ پاڻ ارشاد فرمايائون: ”انهن سان اهڙي شيء (مثال حرام مال وغيره) حاصل نه ڪيو جيڪا تنهنجي لاءِ جائز ناهي ۽ ان ۾ جيڪو الله پاڪ جو حق آهي (جيئن ته واجب صدقا وغيره) ان کي نه