Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

افسوس! هڪ تعداد آهي جو جنهن پنهنجي لاءِ بطورِ نمونه فلمي ايڪٽر، ڪرڪيٽر، سياست دان ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو چونڊي انهن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي رکيو آهي۔

اهو سڀ بيان ڪرڻ کان بعد حضرت سَيدُناابو حازم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائڻ لڳا: هن طرح توهان الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ وارا بڻجي ويندو ۽ جنهن صرف زباني شڪر ڪيو باقي عضون سان نه ڪيو ته ان جو مثال ان شخص جهڙو آهي جنهن وٽ هڪ ڪپڙو هجي ۽ اهو ان جو هڪ ڪنارو پڪڙي وٺي پر پائي نه اهو ان کي گرمي، سردي، برف ۽ برسات کان بچڻ جو فائده نه ڏيندو۔ (حلية الاولياء، ۳/۲۷۹، رقم:۳۹۶۳)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا ابو حازم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي نصيحتن تي اسان کي عمل ڪرڻ گھرجي ۽ الله پاڪ جي ڏنل هر نعمت تي شڪر ڪندو رهڻ گھرجي ۽ ان نعمت کي نيڪ ڪم ۾ ئي استعمال ڪرڻ گھرجي۔

آزادي جي نعمت جو شُڪر ڪيئن ادا ڪريون؟

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه اسان جو هي آزاد وطنِ عزيز به الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي ۽ عنقريب يومِ آزادي (Independence Day) يعني”14اگست“ به اچڻ وارو آهي، افسوس ته خوشي جي هن عظيم موقعي تي الله پاڪ جي عظيم نعمت”آزادي“ جو شڪرادا ڪرڻ جي بدران اهڙا غيرشرعي وغيرقانوني معاملات ڪيا ويندا آهن، جيڪي ڪنهن کان لڪيل نه آهن۔ ياد رکو! جشنِ آزادي جي نالي تي ڳائڻ وڄائڻ، جشنِ آزادي جي نالي تي رَقص ۽ سُرُور جون محفلون سجائڻ، جشنِ آزادي جي نالي تي ٻانهن جا حق ضايع ڪرڻ، ماڻهن کي جاني ومالي نقصان پهچائڻ، جشنِ آزادي جي نالي تي شراب نوشي ڪرڻ يقيناً الله پاڪ جي نعمت جيڪا اسان کي وطنِ عزيز جي صُورت ۾ حاصل ٿي ان جي ناقدري ڪرڻ آهي۔ جيڪڏهن اسان کي ان موقعي تي خوشي جو اظهار ڪرڻو ئي آهي ته اهڙن طريقن سان ڪيون جنهن ۾ الله جي رِضا شَامل هجي مثال طور،