Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

ڇڏيندا آهيون، جڏهن ته اسان کي گھرجي ته جيڪڏهن هڪ نعمت هلي به وڃي ته ان کي پنهنجي پَرۡوَرۡدۡگار جي مرضي سمجھي صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺندي ٻين نعمتن تي نظر رکون ۽ ان جو شڪريو ئي ادا ڪريون۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي اسلاف جا معمولات ڏسون ته اسان کي اندازو ٿيندو ته انهن جو حال اهو هو جو جيڪڏهن هڪ نعمت انهن کان جدا ٿي به ويندي هئي، يا ڪڏهن ڪا مشڪل اچي به ويندي هئي ته هو رب ڪريم جي ٻين نعمتن کي ياد ڪندا ها ۽ انهيءَ تي ان جو شڪريو ادا ڪرڻ ۾ لڳي ويندا ها۔ اچو! انهيءَ باري ۾ ڪجھ حڪايتون ٻڌون ٿا:

مصيبت ۾ به نعمت آهي

(1)  حضرت سيدُنا عبدالعزيز بن ابي رواد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيري مون حضرت سيدُنا محمد بن واسع رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي هٿ تي هڪ وڏي ڦرڙي ڏسي گھڻو پريشان ٿيس، پاڻ منهنجي چهري تي پريشاني جا آٓثار ڏسي فرمايائون: ڇا توهان کي خبر آهي ته هن ڦرڙي جي ڪري مون تي ڪيترو وڏو انعام ٿيو؟ منهنجي خاموش رهڻ تي پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايائون: (شڪر آهي ته) الله پاڪ ان کي منهنجي اک جي سياهي، منهنجي زبان ۽ منهنجي پوشيده عضوئن تي ناهي ڪڍيو بلڪ (منهنجي هٿ تي ڪڍي) ان کي مون تي هلڪو ڪري ڇڏيو آهي۔ (حليۃالاولياء وطبقات الاصفياء، ۲/۳۹۹)

شڪر جو عظيم مثال

(2)  حضرتِ سيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو هڪ اهڙي شخص وٽان گذر ٿيو جيڪو نابين (Blind) هئڻ سان گڏوگڏ برص ۽ جذام (ڪوڙھ جي مرض) ۾ مبتلا هو ۽ چئي رهيو هو: الله پاڪ جي نعمتن تي ان جو شڪر آهي، سيدُنا وهب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سان گڏ هڪ شخص هو، اهو چوڻ لڳو: هاڻي الله پاڪ جي ڪهڙي نعمت تو وٽ رهجي وئي آهي جنهن تي تُون شُڪر ادا ڪري رهيو آهين؟ نابين مريض چيائين: شهر وارن ڏانهن نهاريو ته انهن جو تعداد ڪيترو زياده