Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

رباني حضرت سَيدُنا شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٽن سببن جي ڪري انسان مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي۔   

      هڪ سبب اهو آهي جو ڪڏهن ٻانهو گناهن جي سزا جي ڪري مصيبتن ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي۔

      جيڪا مصيبت گناهن جي سزا جي لاءِ هوندي ان جي نشاني اها آهي ته ٻانهو صبر بدران مخلوق جي اڳيان شڪوه شڪايت ڪندو۔

      ٻيو سبب اهو آهي ته ڪڏهن گناهن کي مٽائڻ ۽ ان جي مير کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪفاري جي طور تي ٻانهو مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي۔

      جيڪا مصيبت گناهن ۽ ڏوهن جي لاءِ ڪفاري جي طور تي هوندي ان جي نشاني اها آهي ته ان ۾ ٻين جي اڳيان شڪوه شڪايت جي بدران صبر جميل سان ڪم وٺندو، ديني احڪامن جي اطاعت ۽ ادائيگي ۾ ٽال مٽول سان ڪم نه وٺندو۔

      ٽيون سبب اهو آهي ته ڪڏهن درجات جي بلندي، معرفت ۽ قربِ الٰهي جي اعليٰ رتبن تائين پهچائڻ جي لاءِ ٻانهو مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي۔

      جيڪا مصيبت درجات جي بلندي ۽ حصولِ قرب و معرفتِ الٰهي جي اعليٰ مراتب تي پهچڻ جي لاءِ هجي ان جي نشاني اها آهي ته رضاءِ الٰهي سان هڪجھڙائي نظر ايندي ۽ نفس کي الله پاڪ جي ذڪر ۾ اطمينان ۽ سڪون نصيب ٿيندو۔ (قلائدالجواهر بهامشه فتوح الغيب، ص۸۷،۸۸ملخصاً)  

   اميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نصيحت ڪندي ڪيتري پياري انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته.

تُو کمر بستہ رہا کر خدمتِ اسلام پر       راہِ مولیٰ میں جو آفت آئے اس پر صبر کر

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد