Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ڊيوٽي وارا ملائڪ حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي جُھرمٽ ۾ وٺي ربّ تعاليٰ تائين گھوٽ جيان پهچائيندا ۔ (مرآة المناجيح، ۸/۲۸۲تا ۲۸۳)

 اعليٰ حضرت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ”حدائقِ بخشش“ ۾ انهيء ڳالھ ڏانهن اِشارو ڪندي ڇا خُوب ارشاد فرمائن ٿا:

ستّر ہزار صُبْح ہیں سَتّر ہزار شام

یُوں بندَگیِ زُلف و رُخ آٹھوں پہر کی ہے

(حدائق بخشش،ص۲۲۰)

  مختصر وضاحت:يعني صبح ۽ شام لاڳيتو ستر (70)، ستر (70) هزار ملائڪ مديني جي تاجدار، ٻنهي جھانن جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حسين زلفن ۽ مبارڪ چهري جي صبح شام تعريف ۽ توصيف جي لاءِ سندن مزارِ پُرانوار تي حاضري ڏيندا آهن۔

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖيعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي