Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ان جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ روئي روئي دُعائون گھرون، والِدَين ۽ الله پاڪ جي مقبول ٻانهن جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي اُنهن کان دعائون ڪرايون، هن اُمّيد تي ته ڪڏهن ته ڪرم جو دروازو کُلندو، ڪڏهن ته اسان کي به سڏ ٿيندو ۽ ڪڏهن ته اسان جو به نالو حاجين جي فهرست(List) ۾ شامل ٿيندو۔

اللہ کوئی حج کا سبب اب تو بنادے

جلوہ مجھے پھرگنبد خضرا کا دکھا دے

                                                                       (وسائلِ بخشش مُرَمم، ص۱۱۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيتُ الله شريف جي شان ۽ عظمت

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مڪي شريف ۾ موجود بيتُ الله شريف اهو مقدس مقام آهي جو جنهن جي تعريف ۽ توصيف قرآني آيتن ۾ موجود آهي۔ جيئن

سيپاري 4 سورة آلِ عمران جي آيت نمبر 96 ۾ الله ڪريم جو فرمانِ عظمت نشان آهي: