Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

چڪو آهي۔

اچو! بطورِ ترغيب، فلمن، ڊرامن کان توبه ڪرڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي زندگي ۾ اچڻ واري مدني اِنقلاب جي هڪ ايمان افروز مدني بهار مُلاحَظه ڪريو، جيئن

گناهن کان ڇوٽڪارو ڪيئن مليو؟

قصور (پنجاب ،پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته کوڙ ٻين نوجوانن جيان مان به گھڻين اَخلاقي بُرائين ۾ مبتلا هئس۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، راند روند ۾ وقت برباد ڪرڻ منهنجو محبوب مشغلو هو۔ هڪ ڀيري رمضان المبارڪ آيو ته مون گناھ گار کي به نمازن جي لاءِ مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملڻ لڳي۔ اتي دعوتِ اسلامي جو هڪ ذميدار اسلامي ڀاء فيضانِ سنت مان درس ڏيندو هو۔ درس کان پوءِ اهو وڏي مِلنساري سان ملاقات ڪندو هو، ان جو حُسنِ اخلاق ڏسي مان ڏاڍو متاثر ٿيس، هڪ ڏينهن منهنجي اُن سان ملاقات ٿي ته هو وڏي پياري انداز سان مليو ۽ جمعرات جو ٿيندڙ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏنائين، مون شرڪت جي نيت ڪري ورتي۔ جمعرات اچڻ کان پهريان ئي مون کي اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي بيان جي ڪيسٽ بنام ”پُل صراط جي دهشت“ ڪٿان کان ملي وئي، مون وڏي ڌيان سان بيان ٻڌڻ شروع ڪيو۔ ”پُل صراط“ جو نالو ته مون اڳ ۾ به ٻڌو هو پر پُل صراط پار ڪرڻ جو مرحلو ايترو ڏکيو آهي، ان جو پتو مون کي اهو بيان ٻڌي پيو۔ جڏهن مون پنهنجي گناهن، پوءِ ڪمزور بدن ڏانهن نهاريو ته منهنجي اکين مان لڙڪ نڪري آيا ته مان پُل صراط ڪيئن پار ڪري سگھندس، پوءِ مون پنهنجي ربّ جي نافرمانين کان توبه ڪري سُڌرڻ جو پڪو ارادو ڪيو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي سنّتن ڀري مَدَني ماحول جي برڪت سان سُنّت جي مطابق ڏاڙھي شريف، عمامو شريف ۽ سفيد لباس سجائي ورتو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد