Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail
عُمرو ڪرڻ واري جو ثواب لکيو ويندو۔ (مسند ابي يعليٰ ، مسند ابي ھريرة ، ۵/ ۴۴۱، حديث: ۶۳۲۷)
2۔ ارشاد فرمايائون: جڏهن توهان ڪنهن حاجي کان مُلاقات ڪيو ته ان کي سلَام ۽ مُصَافَحو ڪيو ۽ ان کي چئو ته اهو پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان توهان جي لاءِ مَغفِرت جي دعا ڪري، ڇوته ان جي مَغفِرت ٿي چڪي آهي۔ ( مشڪاة المصابيح ، ڪتاب المناسڪ،الفصل الثالث،۱/۴۷۲،حديث:۲۵۳۸)
3۔ ارشادفرمايائون: حج ڪندا رهو، ڇوته حج گُناهن کي اهڙي طرح ڌوئي ڇڏيندو آهي، جهڙي طرح پاڻي مير کي ڌوئيندو آهي۔
(معجم اوسط ، من اسمه القاسم، ۳ / ۴۱۶،حديث:۴۹۹۷)
4۔ ارشاد فرمايائون: حاجي پنهنجي گهر وارن مان چار سؤ 400(مُسلمانن) جي شفاعت ڪندو ۽ گناهن کان ائين نڪري ويندو جيئن ان ڏينهن ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي. (ڪنزالعمال ، حرف الحاء،ڪتاب الحج والعمرة،الفصل الاول في فضائل الحج، الجزء: ۵، ۳/۷، حديث: ۱۱۸۳۷)
حضورِ کعبہ حاضر ہیں حرم کی خاک پر سر ہے
بڑی سرکار میں پہنچے مُقدَّر یاوَری پر ہے
نہ ہم آنے کے لائق تھے نہ مونھ قابل دکھانے کے
مگر ان کا کرم ذرہ نواز و بندہ پَروَر ہے
خبر کیا ہے بھکاری کیسی کیسی نعمتیں پائیں
یہ اُونچا گھر ہے اس کی بھیک اندازہ سے باہر ہے
(ذوق ِنعت ،ص۲۵۳)