Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

چڪي آهي۔ هن مجلس تحت ڪجھ ذيلي شعبا پڻ قائم ڪيا ويا آهن جيڪي دعوتِ اسلامي جي تمام اثاثن جي اصل ڪاغذن کي حڪومتي /قانوني/محڪمه اراضي جي اصول ۽ ضوابط جي مطابق چيڪ ڪري ”دعوتِ اسلامي ٽرسٽ“ جي نالي منتقل ڪرائيندا آهن۔ انهيء مجلس جي تحت وقف شده اثاثن جو تحفظ ۽ تعميرات جو ڪم به ڪيو ويندو آهي ۔ هن مجلس سان لاڳاپيل اسلامي ڀائرن جي شرعي ۽ تنظيمي تقاضن جي مطابق تربيت به ڪئي ويندي آهي۔ جنهن ۾ وقف جي شرعي تقاضن کي پورو ڪرڻ جو طريقي ڪار، تعميرات ۽ چندي جي معاملن ۾ شرعي ۽ تنظيمي احتياطون ڪرڻ تي خصوصي تربيت ڪئي ويندي آهي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                       صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                               بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

(وسائلِ بخشش،ص۴۷۲)

ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’101مدني گل‘‘ مان ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا. ٭ جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهي۔ ها جيڪڏهن وڌي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪريو۔ (درمختار ج 9 ص 668) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد امجد


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵