Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

علي اعظمي رَحْمَةُ اﷲِ عَلَیهِ بهار شريعت، جلد 3 ص 583 ۾ فرمائن ٿا؛ منقول آهي؛ ”جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي الله تعاليٰ اُن کي ٻئي جمعي تائين مصيبتن کان محفوظ رکندو ۽ ٽي ڏينهن وڌيڪ يعني ڏهه ڏينهن تائين۔ هڪ روايت ۾ هي به آهي ته جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي ته ان تي رحمت نازل ٿيندي ۽ گناهه ڇڻندا۔ ۔ (دُرِّمُختار، رَدُّالْمُحتَار،۹/۶۶۸۔ بهارِشريعت حصّه۱۶ ص ۲۲۵،۲۲۶) ٭ هٿن جا ننهن ڪٽڻ جي منقول طريقي جو خلاصو پيش خدمت آهي؛ پهرين ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کاٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ ساڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن ڪٽيو وڃي۔ (دُرِّمُختار،۹/۶۷۰ ، اِحْياءُ الْعُلُوم ،۱/۱۹۳)٭ پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي۔ بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو۔ (درمختار، ج 9 ص 670) ]4[ جنابت جي حالت (يعني غسل فرض ٿيڻ جي صورت) ۾ ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي۔ (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 358) ]5[ ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي ۽ ان سان ڪوڙهه  جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي۔ (ايضًا) ]6[ ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن اڇلائي ڇڏيو ته به حرج ناهي۔ (فتاويٰ هنديه، ۵ /۳۵۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد