Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

حج هڪ اهم فريضو

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بيتُ الله شريف جي فضيلتن ۽ برڪتن بابت ٻڌي رهيا هئاسين، بيتُ الله شريف جي هڪ خصوصيت اها به آهي ته اهو ئي اهو هنڌ آهي جتي هر سال دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عاشقانِ رسول گڏ ٿيندا آهن۔ پنهنجي نسل، پنهنجي زبان، پنهنجي رنگ ۽ پنهنجي وطن جو فرق مٽائي هڪ وقت ”صداءِ لبيڪ“ بلند ڪندي حج جو فريضو ادا ڪندا آهن۔  

     حج ارڪانِ اِسلام مان هڪ بنيادي رُڪن ۽ اَهم عِبادت آهي، الله ڪريم صاحبِ استطاعت ماڻهن تي ان کي فرض ڪيو آهي، جيڪو فرض هئڻ باوجود ان جي ادائيگي ۾ ڪوتاهي (Negligence) ڪري سخت گنهگار ۽ جهنّم جو حقدار آهي، الله پاڪ سيپاري 4سُورة اٰلِ عمران آيت نمبر 97 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ لِلّٰهِ عَلَى النَّاسِ حِجُّ الْبَیْتِ مَنِ اسْتَطَاعَ اِلَیْهِ سَبِیْلًاؕ-وَ مَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِیٌّ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ(۹۷) (پ۴،اٰلِ عمران:۹۷)    

ترجَمو ڪنزالايمان: ۽ الله جي لاءِ اُنھن ماڻُھن تي اُن گھر جو حج ڪرڻ آھي جيڪو اُنهئَ تائين وڃِي سگھي ۽ جنھن انڪار ڪيو پوءِ الله ساري جهان کان بي پرواھ آھي

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حج تمام وڏي نعمت آهي، حج جي سعادت ماڻڻ  وارن خوش نصيبن تي الله پاڪ خُصُوصي ڪرم نوازيون فرمائيندو آهي، اهو پاڪ پَروَردگار حج ڪرڻ وارن کي حج جي بدلي ۾ اهڙن عظيمُ الشَّان انعامن کان نوازيندو آهي جن جي باري ۾ ٻڌي مُسلمانن جي دلين ۾ به انهن مُقدَّس هنڌن جي زِيارت جو ذوق ۽ شوق مزيد وڌڻ لڳندو آهي۔  

حج جون فضيلتون

      اچو!حج جون فَضيلتون ۽ حاجين کي خدا عَزَّوَجَلَّ طرفان ملڻ وارن انعامن   بابت 4 فَرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا، جيئن

1۔ ارشاد فرمايائون: جيڪو حج جي اِرادي سان نڪتو، پوءِ مري ويو ته الله پاڪ قِيامَت تائين ان جي لاءِ حج ڪرڻ واري جو ثَواب لکي ڇڏيندو ۽ جيڪو عُمري جي اِرادي سان نڪتو، پوءِ مري ويو ته ان جي لاءِ قِيامَت تائين