Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

بُنيادي مسئلن کان آگاھ ڪرڻ وغيره شامل آهي۔ مقامي ذميدارن سان گڏ جامعة المدينه جا شاگرد به ”يومِ تعطيل اعتڪاف“وارو مدني ڪم ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰه يومِ تعطيل اِعتِـڪاف جو سڄو جدول مسجد ۾ ئي ٿيندو آهي، جنهن جي برڪت سان مسجدون به آباد رهنديون آهن۔ حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَـنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نُـبُوّت صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن شخص کي ڏسو ته هو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رکڻ وارو آهي ته ان جي اِيمان جي گواهي ڏيو ڇوته الله پاڪ سيپاري 10،سُورَةالتَّوْبَه آيت نمبر 18 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ (پ ۱۰ ،التوبه :۱۸)ترجموڪنز الايمان: الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رکندا ۽ نماز قائم ڪندا آهِن ۽ زڪوات ڏيندا آهِن

(ترمذي ، ڪتاب الايمان ، با ب ماجا ء في حرمۃ الصلوۃ ،۴/۲۸۰،رقم: ۲۶۲۶)

 

حضرت سَيدُنا ابُوسَعِيد خُدريرَضِىَ اللّٰهُ عَنْه کان روايت آهي ته رحمت عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: جيڪو مسجد کان مَحَبَّت ڪندو آهي الله پاڪ ان کي پنهنجو محبوب بڻائيندو آهي۔ ۔([1])

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان به عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي مسجد ڀريو تحريڪ ۾ شامل ٿي وڃون ڇوته اَلْحَمْدُ لِلّٰه اهو مدني ماحول مسجدون آباد ڪرڻ، ماڻهن کي نمازي بنائڻ، گناهن کان بچائڻ ۽ انهن کي صلوٰة وسُنَّت جي راھ تي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، هن مدني ماحول جي برڪت سان هينئر تائين ڪيئي بگڙيل ماڻهن جي اصلاح ٿي ۽ انهن جي زندگين ۾ حقيقي مدني انقلاب اچي


 

 



[1] مجمع الزوائد ،کتا ب الصلوۃ ،با ب لزوم المساجد ،رقم:۲۰۳۱ ،۲/۱۳۵