Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

1.       هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي برابر آهي ۽ طواف ڪندي هر وک جي بدلي ان جي لاءِ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ ان جا 10 گناھ مٽايا ويندا آهن ۽ 10 دَرَجات بُلند ڪيا ويندا آهن۔ (مسند امام احمد بن حنبل، ج۲ص۲۰۲حديث۴۴۶۲)

2.       جيڪو بيت الله جي طواف جا ست چڪر پورا ڪري ۽ ان ۾ ڪا بيهودَه ڳالھ نه ڪري ته اهو هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي برابر آهي۔(المعجم الڪبير،ج۲۰،ص۳۶۰حديث۸۴۵)

ہر برس کاش! آکے مکّے میں     لُطف اُٹھاؤں طواف کا یا ربّ

(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص۸۱)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!             صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان پنهنجي بزرگن جي حالات جو مطالعو ڪريون ته اسان کي خبر پوندي ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها عشقِ الٰهي ۾ فنا ٿي حج جي سعادت ماڻڻ نڪرندا هئا ته انهن جو حال اهو هوندو هو جو آھ و زاري، شب بيداري ۽ ڪثرت سان اَشڪ باري انهن جو معمول هوندو هو۔ اچو! انهيء باري ۾ هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

مان ڇو نه روئان؟

منقول آهي ته حضرت سيدنا ابو جعفر محمد بن علي بن حسين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حج جي لاءِ (پنهنجي گھران) نڪتا، جڏهن پاڻ مسجِد الحرام ۾ داخِل ٿيا ته بيتُ الله شريف کي ڏسي روئڻ لڳا ايستائين جو سندن جو آواز بلند ٿي ويو، سندن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي عَرض ڪيو ويو:  سائين سڀني ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن آهن تنهنڪري پنهنجي آواز کي ڪجھ گهٽ ڪريو، ارشاد فرمايائون: مان ڇونه روئان؟ شايد منهنجي روئڻ سبب الله مون تي رحمت جي نگاھ فرمائي ۽ مان   قيامت جي ڏينهن ان جي بارگاھ ۾ ڪامياب ٿي وڃان، پوءِ پاڻ بيتُ الله جو طَواف ڪيو ۽ مقامِ ابراهيم تي نماز پڙھي، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  سجدي مان مٿو کنيو ته سجدي واري جڳھ لڙڪ سان ڀريل هئي۔(رَوضُ الرَّياحين،الحڪاية الثانية والسبعون، ص۱۱۳)