Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

آهي۔

(10)…خونخوار جانور هڪ ٻي کي حرم جي حدن ۾ اِيذاء ناهن ڏيندا، ايستائين جو هن سرزمين ۾ ڪتا هرڻ جي شڪار جي لاءِ ناهن ڊڪندا ۽ اتي شڪار ناهن ڪندا۔

(11)…ماڻهن جون دليون ڪعبي شريف ڏانهن ڇڪجي اينديون آهن ۽ ان ڏانهن نظر ڪرڻ سان لڙڪ وهڻ لڳندا آهن۔

(12)…هر جمعي واري رات جو اوليائن جا روح ان جي آسپاس حاضر ٿيندا آهن۔

(13)…جيڪو هن جي بي حرمتي ۽ بي ادبي جو ارادو ڪندو آهي، برباد ٿي ويندو آهي ۔

(صراط الجنان،۲/۱۵،۱۶ ملتقطاً)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ولادتِ مصطفيٰ جو شهر

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مڪي پاڪ ۽ ڪعبي شريف جون ٻيون به کوڙ خصوصيتون آهن، هڪ خصوصيت اها به آهي ته هي ئي اهو شهر آهي جتي تاجدارِ مڪه و مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت ٿي،  هي اهو ئي شهر آهي جتي جي گهٽين پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي مبارڪ قدمن کي چميو، هي اهو ئي شهر آهي جتي جي هوائن پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي مقدس پساهن کي چُميو آهي، هي اهو ئي شهر آهي جتي جي گهٽين ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي خوشبودار پگهر جي مهڪ ڦهليل آهي، هي اهو شهر آهي جتي جي خوش نصيب وڻن ۽ پٿرن پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي زيارت ڪئي آهي۔ هي اهو شهر آهي جتي پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مبارڪ ننڍپڻ ۽ جواني جون خوبصورت گھڙيون گذاريون آهن، هي اهو شهر آهي جتي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  نبوت جو اعلان فرمايو۔ هي اهو شهر آهي جتان کان حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسلام جي تبليغ جي شروعات ڪئي آهي۔ ان ڪري