Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

اِنَّ اَوَّلَ بَیْتٍ وُّضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِیْ بِبَكَّةَ مُبٰرَكًا وَّ هُدًى لِّلْعٰلَمِیْنَۚ(۹۶)  (پ۴،آلِ عمران: ۹۶)

ترجَمو ڪنز الايمان: بيشڪ سڀ کان پھريون گھرُ جيڪو ماڻُھن جِي عبادت لاءِ  مقرر ٿِيو اُھو آھي جيڪو مَڪي ۾ برڪت وارو ۽ ساري جهان لاءِ رهنما آھي.

      صَدرُ الافَاضِل حضرت علّامه مولانا سَيد مفتي محمد نعيمُ الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي حوالي سان فرمائن ٿا ته هن ۾ ٻڌايو ويو ته سڀ کان پهريون گھر جنهن کي الله ڪريم اِطاعت ۽ عبادت جي لاءِ مقرر ڪيو نماز جو قبلو، حج ۽ طواف جو مقام بڻايو جنهن ۾ نيڪين جو ثواب گھڻو آهي اهو ڪعبه مُعَظَّمه آهي جيڪو مڪي شريف ۾ واقع آهي۔

      تفسير صِراطُ الجنان ۾ ڪعبي شريف جون ڪجھ خاصيتون بيان ٿيون آهن، اچو ٻڌون ٿا:

(1)… (ڪعبو شريف) سڀ کان پهرين عبادت گاھ آهي، ڇوته حضرت آدم عَلَيه الصَّلٰوة وَ السَّلَام هن ڏانهن  منهن ڪري نماز پڙھي۔

(2)…(ڪعبو) تمام ماڻهن جي عبادت جي لاءِ بڻايو ويو جڏهن ته بيتُ المقدس مخصوص وقت ۾ خاص ماڻهن جو قبلو رهيو۔

(3)…(ڪعبو شريف) مڪي پاڪ ۾ آهي، جتي هڪ نيڪي جو ثواب هڪ لک نيڪين جي برابر آهي۔

(4)…ڪعبي شريف جو حج فرض ڪيو ويو۔

(5)…حج هميشه صرف ڪعبي جو ٿيو، بيتُ المقدس قبلو ضرور رهيو آهي، پر ڪڏهن ان جو حج نه ٿيو۔

(6)…ڪعبي شريف کي امن جو مقام قرار ڏنو ويو آهي۔

(7)…ڪعبي شريف ۾ کوڙ نشانيون رکيون ويون جن ۾ هڪ مقامِ ابراهيم آهي۔

    (8)…پکي ڪعبي شريف جي مٿان ناهن ويهندا ۽ ان جي مٿان ناهن اڏامندا  بلڪ اڏامندي ايندا آهن ته آس پاس هٽي ويندا آهن۔

    (9)…جيڪي پکي بيمار ٿيندا آهن اهي پنهنجو علاج هن طرح ڪندا آهن جو ڪعبي شريف جي فضا ۾ لنگھندا آهن، انهيءَ سان انهن کي شِفا ملندي