Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

       اچو! حصولِ برڪت جي لاءِ خانَه ڪعبه جي شان ۽ عظمت بابت هڪ حڪايت ملاحظو ڪريو،

ڪعبي شريف کي سون جي زنجيرن سان  ٻَڌي مَحشر ۾ آندو  ويندو

حضرت سيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ”تَورات شريف“ ۾ آهي ته الله پاڪ قِيامت جي ڏينهن پنهنجي 7 لک معزز ملائڪن کي موڪليندو جن مان هر هڪ جي هٿ ۾سون جي هڪ زَنجير هوندي، الله پاڪ فرما ئيندو:   وڃو! ۽ ڪعبي کي هنن زنجيرن ۾ ٻڌي مَحشر ڏانهن وٺي اچو، ملائڪ ويندا ان کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڪيندا ۽ هڪ ملائڪ پڪاريندو: ’’اي ڪعبة الله! هل۔‘‘ ته ڪعبو شريف چوندو: ’’مان نه هلندس جيستائين منهنجو سُوال پورو نه ڪيو وڃي۔ آسمان تان هڪ ملائڪ پُڪاريندو: ’’تون سُوال ڪر!‘‘، ته ڪعبو بارگاھِ الٰهي ۾ عرض ڪندو: ’’اي الله پاڪ ! تون منهنجي پاڙي ۾ دفن ٿيل مؤمنن جي لاءِ منهنجي شَفاعت قَبول فرماءِ۔ ته ڪعبو شريف هڪ آواز ٻڌندو: مون تنهنجي درخواست قَبول فرمائي ورتي۔ حضرتِ سيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پوءِ مڪي شريف ۾ دَفن ٿيڻ وارن کي اٿاريو ويندو جن جا چِهرا سفيد هوندا۔ اهي سڀئي اِحرام جي حالت ۾ ڪعبي جي چوڌاري گڏ ٿي تَلبِيه (يعني لبيڪ) چئي رهيا هوندا۔ پوءِ ملائڪ چوندا: اي ڪعبه! هاڻي هل۔ ته هو چوندو: مان نه هلندس، جيستائين منهنجي درخواست قَبول نه ڪئي وڃي۔ ته آسماني فضا مان هڪ ملائڪ پڪاريندو: تون گھر، تو کي ڏنو ويندو۔ ته ڪعبو شريف چوندو: اي الله پاڪ! تنهنجا گنهگار ٻانها جيڪي گڏ ٿئي پري پري کان مٽي هاڻا مون وٽ آيا۔ انهن پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ عزيزن کي ڇڏيو، انهن فرمانبرداري ۽ زِيارت جي شوق ۾ نڪري تنهنجي حڪم مطابِق حج جا رُڪن ادا ڪيا، ته مان تو کان سُوال ڪيان ٿو ته انهن جي حق ۾ منهنجي شَفاعت قَبول فرماءِ، انهن کي قِيامت جي گھٻراهٽ کان اَمن عطا