Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مڪو شريف هجي يا محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شهر مدينو پاڪ ٻئي انتهائي احترام ۽ تعظيم جي لائق جڳهون آهن، جن جي عظمت ۽ رِفعت ۽ شان ۽ شوڪت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته مڪي ۽ مديني کي ربّ ڪريم جن ظاهري ۽ باطني خوبين سان نوازيو آهي اهي ڪنهن ٻي شهر جي حصي ۾ نه آيون آهن ۽ ائين ڇو نه هجي جو مڪي شريف ۾ مسلمانن جي عقيدتن جو مرڪز بَيتُ الله شريف موجود آهي ۽ مدينَه منوَّره ۾ سَروَرِ عالم،نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نور وسائيندڙ مزارِ پُر انوار آهي۔اڄ اسان اِنْ شَآءَالله ڪعبي شريف جي شان ۽ عظمت ۽ حج جي فضيلتن ۽ برڪتن بابت بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، ياد رکو! مَڪي شريف ۾ فضيلتن ۽ برڪتن وارا ڪيئي مقام موجود آهن، پر انهن سڀني ۾ ڪعبي شريف کي هڪ خاص مقام حاصل آهي۔ قرآن ِمجيد جيان ڪعبي شريف جي حفاظت جو ذمو به ربِّ ڪريم پنهنجي ذِمَّه  ڪرم تي کنيو آهي ته ڪا طاغوتي طاقت (يعني باطل پرست شيطاني طاقت) نه قرآنِ مجيد کي فنا ڪري سگھي ٿي نه ڪعبه شريف کي رُوءِ زمين تان مٽائي سگھي ٿي ڇوته خداوندِ ڪريم انهن ٻنهي جو محافظ ۽ نگهبان آهي۔             (عجائب القرآن مع غرائب القرآن ،ص۲۲۶)