Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ڳيهي وئي جڏهن ته اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ لٺ ڪرندڙن جو سهارو ٿيندي آهي۔ ٻئي جهان الله پاڪ جي رضاء چاهيندا آهن  جڏهن ته اهو خدا ٿي مصطفيٰ ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام جي رضاء چاهي ٿو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِڪاف“

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! سڄي دنيا وارا الله پاڪ جي رضاء چاهيندا آهن پر اهو خداءِ واحد  مصطفيٰ ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضاء چاهيندو آهي۔ هن مان اها به خبر پئي ته رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا ئي رضاءِ الٰهي آهي، جنهن سان پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راضي ٿي ويا ان سان ربِّ ڪريم به راضي ٿي ويندو آهي۔ اسان کي حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي راضي ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام جي سُنّتن جي ڇانوَ ۾ زندگي گذارن گھرجي ته جيئن اسان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذريعي الله پاڪ کي راضي ڪري سگھون۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول به اسان کي اهو ئي ذهن ڏئي ٿو ته اسان سُنّتن جا پيڪر بڻجي وڃون۔ اوهان به هن مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو، ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ هن مدني ڪم جي ذريعي شهر جا اها عَلائقا يا اطراف (ڳوٺ، وسنديون، آباديون وغيره) جتي اڃان مدني ڪم شروع ڪرڻو آهي يا مدني ڪم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي، نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ وارا مبلغ تيار ڪرڻا آهن، وِيران مسجدن کي آباد ڪرڻو آهي، هن مدني ڪم جي ذريعي انهن مقصدن کي مڪمل ڪرڻ تائين نيڪي جي دعوت پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔"يومِ تعطيل اعتڪاف" جي جدول ۾، هفتيوار موڪل جي ڏينهن، جمعي کان عصر يا عصر کان مغرب تائين هڪ ڏينهن جي جدول مطابق مقامي ماڻهن کي سُنّتون ۽ آداب سيکارڻ، روزانو جون دُعائون ياد ڪرائڻ، نماز جي