Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail
آهي بلڪ هن طرح ارشاد فرمايو: فَلَنُوَلِّیَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضٰىهَا۪ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ جِنھن قِبلي ۾ اوهان راضِي هُجو (اوڏانھن) ضرُور اوهان کي ڦيرائينداسين ۔ ته ڄڻ ته ارشاد فرمايو: اي حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، هر ڪو منهنجي رضاء جو طلبگار آهي ۽ مان ٻنهي جھانن ۾ تنهنجي رضا چاهيان ٿو۔ (تفسيرڪبير، البقرة، تحت الآية: ۱۴۳، ۲/۸۲)
سرڪارِ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيه ڇا خوب فرمائن ٿا:
زَہے عزّت و اِعْتِلائے محمد کہ ہے عرشِ حَق زیرِ پائے محمد
مَکاں عرش اُن کا فَلَک فَرْش اُن کا مَلَک خادمانِ سَرائے محمد
خُدا اُن کو کس پیار سے دیکھتا ہے جو آنکھیں ہیں مَحوِ لِقائے محمد
دَمِ نَزع جاری ہو میری زَباں پر محمد محمد خدائے محمد
عَصائے کلیم اژدہائے غَضَب تھا گِروں کا سَہارا عَصائے محمد
خُدا کی رضا چاہتے ہیں دوعالَم خُدا چاہتا ہے رضائے محمد
(حدائقِ بخشش، ص،۶۵،۶۶)
مختصر وضاحت: واھ واھ! ڇا ڳالھ آهي، الله پاڪ ڪيترو بلند مقام عطا فرمايو آهي جو عرشِ الٰهي پنهنجي تمام بلندين جي باوجود رسولِ پاڪ، صاحبِ معراج صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيرن هيٺ آهي۔ اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ڪيترو بلند آهي جو عرش ان جو مڪان آهي، آسمان ان جي لاءِ فرش جيان آهي ۽ ملائڪ سندن عَلَيۡهِ السَّلَام جي درِ دولت جا خدمتگار آهن۔ جن اکين الله پاڪ جي حبيب، ڏکويل دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دِيدار ڪيو، الله پاڪ اُنهن اکين کي ايتري قدر پسند فرمائيندو آهي جو اهڙين اکين وارن کي تمام اُمّت تي فضيلت عطا ڪري ڇڏي۔ جڏهن منهنجو ساھ نڪري رهيو هجي ته منهنجي زبان تي مڪي مدني لجپال، رسولِ بي مثال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ ان جي رب ِّڪريم جو نالو ئي هجي۔ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي لٺ وڏو غضبناڪ ازدهو (تمام وڏو نانگ) بڻجي نانگن کي