Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ڪو گناھ جو ڪم نه ڪري، نه ئي رِياڪاري ۽ شهرت جو ڪو شڪ ۽ شُبو ٿئي، بلڪ صِرف الله جي رِضاء جي لاءِ هجي۔ (بهشت ڪي ڪنجياں،ص۱۰۷بتغير قليل)

حج کا شَرَف ہو پھر عطا یاربِّ مصطَفٰے                        میٹھا مدینہ پھر دِکھا یا ربِّ مصطَفٰے

دیدے طوافِ خانَۂ کعبہ کا پھر شَرَف                     فرما یہ پورا مُدَّعا یا ربِّ مصطَفٰے

(وسائلِ بخشش،مُرَمَّم،ص۱۲۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  مقبول حج جون ڪجھ نشانيون اسان ٻڌيون، پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته جيڪڏهن ڪنهن حاجي ۾ اهي نشانيون نظر نه اچن ته اسان ان جي باري ۾ بدگماني ۾ مبتلا ٿي وڃون ۽ ٻين کي ٻڌائيندا وتون ته فُلاڻي جو حج قبول ناهي ٿيو ڇوته نشانيون نظر نٿيون اچن۔ يقيناً اسان جو خالق ۽ مالڪ جن کي چاهيندو آهي نيڪ ڪمن جي توفيق عطا فرمائيندو آهي ۽ جنهن کي چاهيندو آهي حج جون سعادتون عطا ڪندو آهي۔ ان ڪري اسان کي هر حال ۾ حُسنِ ظن جو دامن پڪڙي رکڻ گھرجي۔

     الله پاڪ اسان کي هر حال ۾ ٻين سان حُسنِ ظن قائم رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مجلس اثاثه جات

 مجلس وقفِ املاڪ ۽ اثاثه جات جو بنيادي ڪم دعوت ِاسلامي جي لاءِ جائيداد مثال طور (مسجد، مدرسة المدينه/جامعة المدينه، مدني مراڪز بنام فيضانِ مدينه، يا ٻين ڪمن جي لاءِ خريداري ڪرڻ يا وقف ڪرڻ يا انتظام وٺڻ جي شرعي ۽ تنظيمي اجازت آهي) انهن کي خريدڻ يا وقف ڪرائڻ ۽ قانوني معاملن کي شرعي ۽ تنظيمي طريقِي ڪار جي مطابق سرانجام ڏيڻ آهي۔ دعوتِ اسلامي هينئر تائين اٽڪل 6100 کان وڌيڪ جڳهون حاصل ڪري