Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

اگئين هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!      آئنده جمعرات ٿيندڙ دعوت ِاسلامي جي هفتيوار سنَّتن ڀري اجتماع ۾ اسان جنهن موضوع تي بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، اهو آهي ”محبت مدينه جنهن ۾  عاشقانِ رسول جا محبتِ مدينه بابت ڪجھ واقعا، قرآنِ ڪريم ۽ احاديث مبارڪه جي روشني ۾ مديني پاڪ جي شان ۽ عظمت، بزرگانِ دينِ رَحْمَة اللّٰه ِ عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي مديني شريف سان مَحَبَّت، انهن جي مديني پاڪ  جي حاضري  جو انداز ۽ ان کان علاوه مَحَبَّتِ مديني پاڪ جي حوالي سان کوڙ مهڪندڙ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت ڪنداسين۔

لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع پڙهيا ويندڙ درود شريف

﴿1جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّم وَبَارِک عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدِنِالنَّبِي الاُمِّي

الحَبِيبِ العَالِي القَدرِالعَظِيمِ الجَاہِ وَعَلٰي اٰلِہٖ وَصَحبِہٖ وَسَلِّم

بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي