Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ڪيئي انبياءِ ڪرام عَلَيهم الصَّلٰوة وَالسَّلَام جو قبلو هو ۽ هڪ سبب اهو هو ته بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙھڻ جي ڪري يهودي فخر ۽ غرور ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ اهو چوڻ لڳا ته مسلمان اسان جي دين جي مخالفت ڪن ٿا پر نماز اسان جي قبلي ڏانهن منهن ڪري پڙھن ٿا۔ پوءِ هڪ ڏينهن نماز جي حالت ۾ حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن اميد سان هر هر آسمان ڏانهن ڏسي رهيا هئا ته قبلي جي تبديلي جو حڪم اچي، پوءِ نماز جي دوران اها آيت سڳوري نازل ٿي جنهن ۾ حُضُورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضاء کي رِضاءِ الٰهي قرار ڏيندي ۽ سندن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهريِ مبارڪ جي حسين انداز کي قرآن ۾ بيان ڪندي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خواهش ۽ خوشي جي مطابق ڪعبي کي قبلو بڻايو ويو۔ پوءِ پاڻصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ئي ۾ ڪعبي شريف ڏانهن ڦري ويا، مسلمانن به حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ ان طرف منهن ڪيو ۽ ظهر جو ٻه رڪعتون بيت المقدس ڏانهن ٿيون ۽ ٻه رڪعتون ڪعبي شريف ڏانهن منهن ڪري ادا ڪيون ويون۔

قبلي جي تبديلي ۾ حڪمت

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قبلي جي تبديلي جي هڪ اها حڪمت بيان ٿي ته هن سان مؤمن ۽ ڪافر ۾ فرق ۽ امتياز ٿي وڃي ته ڪير حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم تي قبلو تبديل ڪري ٿو ۽ ڪير پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نافرماني ڪري ٿو۔(تفسيرڪبير، البقرة، تحت الآية: ۱۴۳، ۲/۹۰)

خدا چاهتا ھے رضائے محمد

      اهڙي طرح قبلي جي تبديلي مان هڪ ڳالھ اها به معلوم ٿي ته الله پاڪ کي پنهنجي حبيب، ڏکايل دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضاء تمام گھڻي پسند آهي ۽ الله پاڪ پنهنجي حبيب عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي چاهتن کي پورو فرمائيندو آهي۔ امام فخر الدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيه فرمائن ٿا: بيشڪ الله پاڪ پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪري قبلو تبديل فرمايو ۽ هن آيت ۾ هيئن نه فرمايو ته اسان توهان کي ان قبلي ڏانهن ڦيرينداسين جنهن ۾ منهنجي رضا