Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو! ربّ ڪريم حاجين تي ڪيترو مهربان آهي ۽ انهن تي ڪهڙيون ڪهڙيون نوازشون ڪندو آهي، انهن جي گناهن کي معاف ڪندو آهي، انهن کي مغفرت جا پروانا عطا ڪندو آهي، انهن کي 400 مسلمانن جي شفاعت جو اختيار عطا فرمائيندو آهي۔ ۽ جيڪو حج جي ارادي سان نڪري ۽ فوت ٿي وڃي ته ان جي لاءِ قيامت تائين حج جو ثواب لکيو ويندو آهي۔ يقيناً حج جي سعادت ماڻڻ وارو ربّ جي رِضا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندو آهي۔ حج جي سعادت ماڻڻ وارو رحمتن ۽ برڪتن جي ڇانوَ ۾ هوندو آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو الله پاڪ جي امان ۾ هوندو آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو پنهنجي نيڪين ۾ خوب اضافو ڪرائيندو آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو شيطان جي ڄار مان نڪري ويندو آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو پنهنجي گناهن جي بخشش جو سامان جمع ڪندو آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو ڄڻ رحمتِ الٰهي ۾ غوطا لڳائيندو آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو ڪعبي شريف جي پُرنور نظارن سان اکين کي ٿڌو ڪندو آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو وک وک تي نيڪ ٻانهن جون يادون تازه ڪندو آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي راھ تي هلندو آهي، امطلب ته! حج جي سعادت ماڻڻ وارو دنيا ۽ آخرت جي ڪيئي ڀلائين جو حقدار ٿي ويندو آهي۔ الله پاڪ اسان کي به بار بار حجِ بيتُ الله جون سعادتون عطا فرمائي۔

      هونئن ته حج ۾ کوڙ ڪم ڪيا ويندا آهن، انهن مان هڪ طواف به آهي، حج جي سعادت ماڻڻ وارو ڪعبة الله شريف جي چوڌاري پرواني جيان چڪر لڳائيندو آهي، جنهن کي طواف چئبو آهي۔ طواف به هڪ اهڙي عبادت آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ صرف مڪي پاڪ ۾ ملندي آهي، اچو ڪعبي شريف جي طواف جي فضيلتن تي مشتمل 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا:

طواف جون فضيلتون

1.       جنهن ڳڻي طواف جا ست چڪر لڳايا ۽ پوءِ 2 رَڪعتون ادا ڪيون ته اهو