Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

اسان کي گھرجي ته هن مبارڪ شهر ۽ هن ۾ موجود بيتُ الله شريف جي محبت کي پنهنجي دل ۾ وڌايون، ۽ جڏهن مقدر دستگيري ڪئي ۽ ان شهر وڃڻ نصيب ٿئي ته هن جو خوب ادب ۽ احترام ڪريون ۽ هر طرح جي بي ادبي کان بچون، اچو! خانه ڪعبه جا ڪجھ آداب ٻڌون ٿا: * اسان کي گھرجي ته اسان ڪعبة الله ڏانهن پير نه ڪيون، * ان ڏانهن معاذ الله ٿُڪ نه اڇلايون،* ان ڏانهن منهن ڪري گرڙي نه ڪريون، * ان ڏانهن پٺي ڪرڻ کان بچون، * ڪعبي جي بي حُرمتي نه ڪريون، * ان جي باري ۾ بُرا لفظ زبان مان نه ڪڍون* مطلب ته ان جي هر طرح جي بي ادبي کان بچون،*ان سان خوب خوب محبت ڪريون۔ جيڪڏهن اسان انهن تمام ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته اِنْ شَآءَالله اسان کي خوب خوب رحمتون ۽ برڪتون نصيب ٿينديون۔   اِنْ شَآءَ الله عزوجل

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسلام جي شروع ۾ قبلو بيت المقدس هو، جڏهن ته مسلمان بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز ادا ڪندا هئا، پوءِ بعد ۾ قبلو بيتُ الله شريف قرار ڏنو ويو، ان جو پسِ منظر ڇا آهي، اچو ٻڌون ٿا: جيئن سيپاري 2 سوره بَقَره جي آيت نمبر 144 ۾ ربِّ ڪعبه ارشاد فرمايو:

قَدْ نَرٰى تَقَلُّبَ وَجْهِكَ فِی السَّمَآءِۚ (پ۲،البقرة،۱۴۴)         

ترجمو ڪنز الايمان: اسان توھان جو آسمان ڏانھن ھَر ھَر مُنھن ڪرڻ ڏِسي رهيا آهيون

ڪعبو شريف قبلو ڪيئن بڻيو؟

        پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مدينه منوره ۾ تشريف وٺي آيا ته سندن کي بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙھڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ نبي ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي حڪم جي پيروي ڪندي انهيء طرف منهن ڪري نمازون ادا ڪرڻ شروع ڪيون۔ پر حضور پُرنورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ دِل جي خواهش اها هئي ته خانهٔ ڪعبه کي مسلمانن جو قبلو بڻايو وڃي، ان جو سبب اهو نه هو ته بيت المقدس کي قبلو بڻائڻ حضورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ناپسند هو بلڪ ان جو هڪ سبب اهو هو ته خانه ڪعبه حضرت ابراهيم عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام ۽ سندن کان علاوه