Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

    حضرت سَيدُنا اِبنِ وَهب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته حضرت سَيدُنا ڪعب رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه اُمُّ المؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدّيقه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها جي خِدمَت ۾ حاضِر ٿيا۔ ماڻهن رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو تذڪرو ڪيو ته حضرت سَيدُنا ڪعب رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه فرمايائون: هر روز ستَّر(70) هزار ملائڪ لهندا آهن جيڪي رسُولِ پاڪ، صاحبِ معراج صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قَبر شريف جي چوڌاري اچي پنهنجا پَر وڇائيندا آهن ۽ رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي دُرُودشريف پڙھندا رهندا آهن، ايستائين جو جڏهن شام ٿيندي آهي ته هو (آسمانن ڏانهن) چڙھي ويندا آهن ۽ انهن وانگر (ٻيا ملائڪ) لهندا آهن، اهي به انهن ئي وانگر ڪندا آهن، ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُورِ انور، شفيعِ محشر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن (جي جُھرمٽ) ۾ نڪرندا جيڪي حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رب پاڪ جي بارگاھ ۾ پهچائيندا۔       (مشڪاة،ڪتاب احوال القيامة وبدء الخلق،باب الڪرامات، ۲/۴۰۱ ،حديث: ۵۹۵۵)

بَيان ڪيل حديثِ پاڪ جي حوالي سان حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: خيال رهي ته هميشه سمورا ملائڪ ئي حُضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي دُرُود موڪليندا آهن پر مذڪوره ستر (70) هزار ملائڪ اهي آهن جن کي زندگي ۾ هڪ ڀيرو درٻار جي حاضري جي اجازت هوندي آهي، اهي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ حاضري ڏيندا آهن۔ جيڪي ملائڪ هڪ ڀيري حاضري ڏئي ويندا آهن، انهن کي ٻيهر حاضري جو شرف ناهي ملندو، سڄي زندگي ۾ صرف ڪجھ ڪلاڪ يعني اڌ ڏينهن جي حاضري نصيب ٿيندي آهي۔ (مفتي صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ جي هن حصّي ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن ۾ نڪرندا جيڪي حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رب جي بارگاھ ۾ پهچائيندا۔جي وضاحت ۾ لکن ٿا:) يعني قيامت جي ان ڏينهن جي