Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

اي ڪاش! جو اسان گناهگارن جي ناقص عقل ۾ به رمضانُ المبارڪ جي اهميت راسِخ ٿي وڃي ۽ اسان به هن مهيني ۾ نيڪيون گڏ ڪري پنهنجو پاڻ کي جهنَّم کان نجات ڏيارڻ ۽ جنت جو حقدار بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، اچو! هن عظيمُ الشَّان مهيني جي اهميت ۽ فضيلت  پنهنجي دل ۾ وڌائڻ ۽ هن مهيني ۾ نيڪين جو جذبو وڌائڻ جي نِيت سان 2  ارشاداتِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ٻڌو ۽ هاڻي کان ئي نيڪيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو۔ 

بهترين مهينا

 ٭ارشاد فرمايائون: توهان وٽ اهڙو مهينو آيو آهي جنهن کان بهتر ڪو مهينو مؤمنن وٽ ناهي آيو ۽ منافقن تي هن کان سخت مهينو ڪوبه ناهي ۽ بي شڪ الله پاڪ هن جي نفلن ۽ ان جي ثواب کي شروع ٿيڻ کان پهريان لکي ڇڏيندو آهي ۽ ڪو شڪ ناهي ته مؤمن جي اندر هن مهيني ۾ عبادت جي قوت موٽائي ويندي آهي ۽ منافق ۾ غفلت، مؤمن جي لاءِ هي مهينو غنيمت ۽ منافق جي لاءِ ٻوجھ آهي۔ 

  (شعب الايمان،باب في الصيام، فضائل شهر رمضان،۳/۳۰۴، حديث: ۳۶۰۷)

ڪاش! سڄو سال رمضان ئي هجي

٭ ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن ماڻهن کي معلوم هجي ها ته رمضان ڇا آهي ته منهنجي امت تمنا ڪري ها ته ڪاش! سڄو سال رمضان ئي هجي۔ (ابن خزيمه،۳/۱۹۰،حديث:۱۸۸۶)

ہر گھڑی رَحْمت بھری ہے ہر طرف ہیں برَکتیں                   ماہِ رَمَضاں رَحْمتوں اور برَکتوں کی کان ہے

عاصِیوں کی مغفرت کا لیکر آیا ہے پَیام                                 جھوم جاؤ مجرِمو! رَمَضاں مہِ غُفر۱ن ہے

بھائیو بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں                                   پڑگئے دوزخ پہ تالے قید میں شیطان ہے

بھائیو بہنو! گناہوں سے سبھی توبہ کرو                                   خُلد کے دَر کُھل گئے ہیں داخِلہ آسان ہے

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۷۰۶-۷۰۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد