Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

اتي ئي بزرگانِ دين سان وابسته جي به تعليم ڏني ويندي آهي. اوهان به دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ جيترو ٿي سگهي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ عملي طور شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا رهو. 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ” مدني درس“ به آهي. شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪجھ ڪتابن کان علاوه باقي سڀني ڪتابن ۽ رسالن مان خاص طور تي فيضانِ سنت مان درس ڏيڻ کي مدني درس چئبو آهي. (بارہ مدنی کام، ص۲۵)

 

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدني درس“

    ”مسجد درس“ سان مسجدون آباد ٿينديون آهن. ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي.”مسجد درس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي. ”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائيءَ جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي. ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ آهي جيئن ته

     منقول آهي ته الله ڪريم حضرت سيدنا موسٰي جي طرف وحي موڪلي ته: ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻِن کي به سيکاريو، مان ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن ڪندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وحشت نه ٿئي. (حِلیۃُ الاَولِیاء،۶/۵،حدیث:۷۶۲۲) بيان ڪيل روايت مان خبر پئي ته سٺين سٺين نيتن سان بيان ڪرڻ يا درس ڏيڻ وارن جا ته ڀاڳ ئي کلي ويندا، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن جون قبرون اندران جڳ مڳ ڪري رهيون هونديون ۽ انهن کي ڪنهن قسم جو خوف محسوس نه ٿيندو. اچو! بطور ترغيب ” مدني درس“ جي هڪ مدني بهار ٻڌو ٿا.

جيئن ته