Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

پل، هر هر ساعت ۽ هر هر گھڙي رحمت ڀري آهي۔ هن مهيني ۾  اَجر ۽  ثَواب گھڻو وڌي ويندو آهي، نَفل جو ثواب فَرض جي برابر ۽ فَرض جو ثواب ستّر (70) ڀيرا وڌايو ويندو آهي۔ الله پاڪ اسان کي هن مُبارڪ مهيني جو خوب خوب فيضان ماڻڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اي ڪاش! اسان سمورا روزا ظاهري ۽ باطني آداب سان گڏ رکڻ ۽ خشوع ۽ خضوع سان فرض نمازون، نفل ۽ پوري تراويح  جي نماز ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، تلاوتِ قرآنِ ڪريم جو خوب جذبو نصيب ٿي وڃي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان استقبالِ رمضان بابت ئي ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ اي ڪاش! سڄو بيان چڱين چڱين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اچو! سڀ کان پهريان رمضان المبارڪ ۾ نيڪين جي ترغيب تي مشتمل اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو ايمان افروز خطبو ٻڌون ٿا ۽ خُوب خُوب نيڪيون ڪري رمضان المبارڪ کي خوش آمديد چوڻ جي نيت ڪريون ٿا، 

اِستِقبالِ رَمَضَان بابت نصيحت ڀريو خطبو

منقول آهي ته جڏهن رمضان المبارڪ ايندو هو ته امير المومنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پهرين رمضان المبارڪ جي رات نماز مغرب کان پوءِ ماڻهن کي نصيحت ڀريو خطبو ڏيندي ارشاد فرمائيندا هئا: اي انسانو! ويهي رهو، بي شڪ هن مهيني جا روزا توهان تي فرض ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هن ۾ نفلن جي ادائيگي فرض نه آهي، تنهنڪري جيڪو به نفل ادا ڪرڻ جي استطاعت رکندو هجي ته ان کي گھرجي ته هو نفل ادا ڪري ڇوته هي اهي بهترين نفل آهن جنهن جي باري ۾ الله پاڪ اِرشاد فرمايو آهي