Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

شانِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!غور ڪريو! عام ٻار ولادت کان پوءِ به ڪيئي ڪيئي سال تائين بي شعوري جي زندگي گذارين ٿا پر اسان جي غوث پاڪ جو شان اهو هو جو الله  پاڪ سندن کي اهو شعور (wisdom/ sense) عطا فرمايو هو جو پيدا ٿيندي ئي روزو رکي ورتو۔  اسان جي غوثِ پاڪ  جو شان اهو  هو جو پنج (5) سال جي عمر ۾ بِسْمِ الله پڙهڻ جي رسم ادا ڪئي وئي ته پاڻ تَعَوُّذْ (اَعُوْذُ بِالله مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجِيم) ۽ تَسْمِيه (بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيم) کان پوءِ 18 سيپارا زباني ٻڌائي ڇڏيا ۽  فرمائڻ لڳا: منهنجي امڙ (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا) کي به ايترو ئي ياد هو، هوء پڙهندي هئي ته مون ٻڌي ياد ڪري ورتا۔ (رساله منّے ڪي لاش،ص۴) اسان جي غوثِ پاڪ جو شان اهو  هو جو پاڻ 40 سال(Forty years) تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا فرمائي، پاڻ جو معمول هو ته جڏهن بي وضو ٿيندا هئا ته انهيء وقت وضو فرمائي 2رڪعت نماز نفل پڙھندا هئا۔ (بهجة الاسرار،ذڪرطريقه ، ص ۱۶۴) اسان جي غوثِ پاڪ  جو شان اهو  هو جو پاڻ تمام گھڻي عبادت و رِياضت ۽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت  ڪرڻ وارا هئا، پندرهن (15) سالن تائين سڄي رات ۾ هڪ قرآنِ پاڪ ختم ڪندا رهيا۔ (بهجة الاسرار، ذڪرفصول من ڪلامهالخ،ص۱۱۸ملخصاً) ۽ روزانو هڪ هزار (1000)رَڪعَت نفل ادا ڪندا هئا۔ (غوث پاڪ ڪے حالات، ص۳۲) اسان جي غوثِ پاڪ جو شان اهو هو جو پاڻ تيرهن (13)عُلوم ۾ بيان ڪندا هئا، سندن مدرسي ۾ ماڻهو غوثِ پاڪ کان تفسير، حديث ۽ فقه وغيره پڙهندا هئا، منجهند کان پهريان ۽ بعد ٻنهي وقت ماڻهن کي تفسير، فقهه، ڪلام، اصول ۽ نَحو پڙهائيندا هئا ۽ ظهر کان بعد تجويد ۽ قراءت سان گڏ قرآنِ ڪريم پڙهائيندا هئا. )بہجۃ الاسرار، ص۲۲۵ ملخصاً ( اسان جي غوثِ پاڪ جو شان اهو هو جو سندن ڪرامت واري هٿن تي 500 کان وڌيڪ غير مسلمانن اسلام قبول ڪيو ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ڌاڙيلن، چورن، فاسقن ۽ وڏن وڏن گناهه ڪرڻ وارن توبهه ڪئي. (بہجۃالاسرار،ذکروعظہ،ص۱۸۴)

اسان جي غوث پاڪ جو شان اهو هو جو پاڻ علم جا سمنڊ هئا، شيخِ طريقت، امير اهلسنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڇا نه خوب فرمائن ٿا: